حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٻوڏ واري ڪيفيت باوجود حيدرآباد جيم خانه جون چونڊون رٿيون ويون آهن. اهي چونڊون پهرين آڪٽوبر تي ٿينديون. حيدرآباد جيم خانه وڏن ماڻهن جو ڪلب آهي. سنڌ ۾ جتي تعليم سميت ٻيون سرگرميون معطل آهن ۽ اڪثر ماڻهو ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ مصروف آهن اتي ئي جيم خانه جي چونڊن لاءِ سرگرميون شروع ٿيون آهن جنهن تي عام ماڻهن حيرت جو اظهار به ڪيو آهي. جيم خانه جي مئنيجنگ ڪميٽي 10 ميمبرن تي مشتمل اليڪشن ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو چيئرمين ميجر رٽائرڊ عمر فاروق کي مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقدير ملڪ، ڊاڪٽر مختيار احمد وقاصي، پروفيسر آغا خالد، ايم پرڪاش ميٺاڻي، پروفيسر محسن عطا، پروفيسر نذير احمد قاسمي، انور الحسن انصاري، آفتاب خان، ڊاڪٽر فيروز ميمڻ ۽ حسن علي جعفري شامل آهن. ابتدائي طور تي ڪلب جي موجوده مئنيجنگ ڪميٽي پاران پئنل جو به اعلان ڪيو ويو آهي. اهو پئنل حيدرآباد جيم خانه ڪلب جي اڳوڻي صدر جاويد جوڻيجو جي نالي سان ٺاهيو ويو آهي. ان ئي پئنل تحت صدارت جي عهدي لاءِ سليم قريشي، اعزازي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ساجد علي ڀٽو، اعزازي خزانچي جي عهدي لاءِ اسد جاويد جوڻيجو اميدوار طور سامهون آيا آهن. ساڳئي پئنل تحت مئنيجنگ ڪميٽي لاءِ شاهد پرويز ميمڻ، ظهور احمد شيخ، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، بشير نظاماڻي، سعيد بلوچ، فرحت ڪمال، ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو، سلام ميمڻ، مير احسان ٽالپر ۽ فهيم عرساڻي اميدوار آهن. ٻئي پئنل جو اڃا تائين ڪو اعلان نه ٿي سگهيو آهي. جيم خانه جون چونڊون ٽن سالن بعد ٿي رهيون آهن جيڪي آئين تحت هر سال ٿيڻيون آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪلب جي هڪ ميمبر ڊاڪٽر آغا تاج محمد ٻڌايو ته ڪجهه ميمبرن چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميٽي کي درخواست به ڏني آهي. هن چيو ته درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته برساتن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو انتهائي تڪليف ۾ آهن ۽ لکين ماڻهو دربدر آهن ان ڪري چونڊون ملتوي ٿيڻ گهرجن.