اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ۾ ججن جو ڪردار ختم ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت شهرين تي ٻڌل ڪاميٽيز حڪومتي ادارن سان گڏجي ڪم ڪنديون، سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين ۾ ججن جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽيز خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سمورا مامرا اُتي اُٿاريا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو احترام آهي، اُن جي رستي ۾ نه اينداسين، متاثرن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دادو ٻڏي ويو، ٻارڙا مري رهيا آهن، عدالت مامري تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل چيو ته حڪومت ته رڳو امداد جو انتظار ڪري رهي آهي، جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته ڇا امداد جي ورڇ لاءِ ڪاميٽيز ڪم ڪري رهيون آهن؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت کي زميني حقيقتون ٻڌايو، ڇا اين ڊي ايم اي قانون ۾ شهرين جي معاونت جو طريقيڪار موجود آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سيڪشن 7 ۾ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيز جوڙڻ جي اجازت ڏنل آهي، جنهن تي متاثرن جي وڪيل چيو ته مسئلو رڳو ججن جي مانيٽرنگ جو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪنداسين، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ ججن تي ٻڌل ڪاميٽيز جوڙيون هيون، سنڌ حڪومت عدالتي ڪاميٽيز کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.