اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 707 تي پهچي ويو آهي، اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ اندر وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيا، جن کان پوءِ سنڌ اندر فوت ٿيندڙن جو تعداد 701 کان وڌي 707 ٿي ويو آهي، جن ۾ 297 ٻار، 278 مرد ۽ 132 عورتون شامل آهن، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار 197 چوپايو مال مري چڪو آهي، جڏهن ته 48 لک 60 هزار 259 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي، ڪالهه تائين سنڌ صوبي اندر ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙن جو تعداد وڌي 72 لک 48 هزار 66 تي پهچي ويو آهي.