حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ ۾ آبپاشي ۽ ڊرينيج نظام جي مڪمل تباهيءَ جو ذميوار ڪرپٽ ڪامورن کي قرار ڏيندي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايوان زراعت سنڌ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ آبپاشي کاتي ۽ ڊرينيج جي نااهل ڪامورن جي ڪرپشن سڄي سنڌ کي سمنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين درياهه جي بنهي پاسي سنڌ جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن کي اندازي مطابق 600 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي. سال 2011ع ۾ 1100 ملي ميٽر برسات سان به ايتري تباهي نه آئي هئي جيتري هن سال 432 ملي ميٽر برسات سان تباهي ٿي آهي. هنن آبپاشي کاتي جي ناتجربيڪار سيڪريٽري کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي جي ڊي ايم جي ۽ پي سي ايس گروپ مان جن به ناتجربيڪار ڪامورن کي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو پر انهن جي تجربن سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ان لاءِ آبپاشي کاتي جا جيڪي تجربيڪار ۽ سٺي ساک رکندڙ ڪامورا آهن انهن کي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ايريگيشن ۽ ڊرينيج عملي جي نااهلي سبب سنڌ جو ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيو آهي ۽ سنڌ زرعي طور تي 10 سال پوئتي هلي وئي آهي. ايوان زراعت ايشيا جي سڀ کان اهم روهڙي ڪئنال کي روهڙي ڊرينيج ڪئنال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته روهڙي ڪئنال کي 10 هنڌن تان ڪٽ ڏئي ان ۾ ڊرينيج جو پاڻي ڇوڙ ڪري بدين ضلعي کي ٻوڙيو وڃي پيو جنهن جي ايوان زراعت سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هنن چيو ته روهڙي ڪئنال کي ڊرينج ڪئنال ۾ تبديل ڪندڙ ڪرپٽ ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اهم ڪئنال ۾ ڊرينيج جو پاڻي بند ڪري ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته روهڙي ڪئنال جي تباهه ٿيڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي. هنن چيو ته هنگامي بنيادن تي سنڌ حڪومت کي پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪرائڻ لاءِ قبضا هٽائي سنڌ ۾ بيٺل پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي. سنڌ جي آبادگارن جا خريف جي مند جا فصل مڪمل تباهه ٿي ويا آهن. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ ربيع جي فصل ڪڻڪ جي پوک نه ٿي ته ان سان ملڪ ۾ سنجيده قسم جو فوڊ سيڪيورٽي بحران پيدا ٿيندو جيڪو حڪومت لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪندو. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي پيو. منڇر جو پاڻي لڳاتار سنڌو ۾ ايندو رهيو ته ان سان ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽو جي درياهي بندن تي دٻاءُ وڌندو جنهن سان تمام وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. منڇر کي ڪٽ لڳڻ سان تعلقي سيوهڻ ۾ تباهي ٿئي پئي جيڪڏهن آر بي او ڊي ٺهيل هجي ها ته اڄ اهي ڪٽ ڏيڻ جي نوبت نه اچي ها. 68 ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود آر بي او ڊي ٺهي نه سگهيو آهي. اها رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي ان ڪري آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جي جاچ ڪرائي وڃي. سنڌ ۾ پاڻي نيڪال جي نظام کي فعال ڪري رڪاوٽون ختم ڪرائي نئين سر سان ڪم ڪيو وڃي. ايل بي او ڊي جي کاٽي ڪرائڻ سميت سنڌ جي آبادگارن جا قرض معاف ڪري چوپائي مال ۽ ايندڙ فصل جي پوکي لاءِ امداد ڏيڻ سميت بنا وياج جي قرض ڏنا وڃن. آسٽريليا جي ڪنسلٽنٽ لوئيس برگر ڪمپني جي رپورٽ کي منظر عام تي آڻي ان رپورٽ مطابق 60 ارب رپين جي لاڳت سان 10 سالن اندر سڄي آبپاشي ۽ ڊرينيج سسٽم کي تيار ڪرائي مستقبل ۾ سنڌ کي اهڙين تباهڪارين کان بچايو وڃي.