سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب وبائي بيمارين تباهي مچائي ڇڏي، وڌيڪ 8 ڄڻا فوت

0
236
سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بُک ۽ وبائي بيمارين تباهي مچائي ڇڏي، مليريا، گئسٽرو، چمڙي جي بيماري، ڊينگي ۽ بُک وگهي ٻارن سوڌو وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا

تنگواڻي ۾ هڪ ئي ڏينهن 3 معصوم ٻارڙا گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا آھن، فوتين ۾ سرداري جعفري، نياز جعفري ۽ عزيز الله بکراڻي شامل آھي

ٺل ۾ رليف ڪئمپ اندر ترسيل نينگر الاهي بخش ٻرڙو ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، گاجي کهاوڙ ۾ علاج ۽ دوا نه ملڻ سبب ٻوڏ متاثر ڳورهاري عورت دم ڏئي ڇڏيو

واهي پانڌي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا سبب 2 عورتون امت خاتون ۽ ٻُڍي جمالي فوت ٿي ويون، ڪڪڙ ڀرسان رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر نينگر گئسٽرو وگهي فوت ٿي ويو

ڪئمپ ۾ طبي سهولتون نه هجڻ سبب نينگر جي حياتي بچي نه سگهي، گهوٽڪي ۾ نينگر فضل الله کهاوڙ ڊينگي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيمارين وگهي ٻارڙن سميت اڄ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت

منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ نه آئي