اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ اندر ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد وڌي 1391 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ سنڌ صوبي اندر ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 577 تي پهچڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي، اين ڊي ايم پاران 8 سيپٽمبر تائين ملڪ اندر ٻوڏ سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصانن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ملڪ اندر وڌيڪ 36 ڄڻا فوت ٿيا، جن ۾ رڳو سنڌ صوبي اندر 35 ڄڻا فوت ٿيل شامل  آهن، جن ۾ 14 مرد، 6 عورتون 7 15 ٻار شامل آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڄڻُ فوت ٿيو،جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن جو تعداد  مجموعي طور تي وڌي 1391 ٿي ويو آهي، جن ۾ 616 مرد، 279 عورتون، 496 ٻار شامل آهن، سنڌ صوبي ۾ 8 سيپٽمبر تائين ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 577 آهي، جن ۾ 220 مرد، 106 عورتون ۽ 251 ٻار شامل آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ فوتين جو تعداد 191، ڪي پي ڪي ۾ 293، بلوچستان ۾ 263 آهي، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويوآهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 109 ڪلوميٽرن تائين روڊ ۽ 26 هزار 652  گهر مڪمل ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيا، 8 سيپٽمبر تائين ملڪ اندر مجموعي طور تي 6688 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا آهن، جن ۾ سنڌ صوبي اندر 2687 ڪلوميٽر، بلوچستان ۾ 1500 ڪلوميٽر، خيبر پختونخوا ۾ 1589 ڪلوميٽر ۽ پنجاب صوبي ۾ 896 ڪلوميٽر تباهه ٿيل روڊ شامل آهن، جڏهن ته 8 سيپٽمبر تائين ملڪ اندر مجموعي طور تي جزوي توڙي مڪمل طور تي متاثر ٿيل گهرن جو تعداد وڌي 17 لک 39 هزار 166 ٿي ويو آهي، جن ۾ 11 لک 73 هزار 288 گهر جزوي طور تي 5 لک 65 هزار 878 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيل شامل آهن، سنڌ صوبي ۾ ڪل 15 لک 25 هزار 482 گهر متاثر ٿيا، جن ۾ 10 لک 37 هزار 77 گهر جزوي طور، 4 لک 88 هزار 405 مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهر شامل آهن، رپورٽ ۾ اها به تصديق ڪئي وئي آهي ته 81 ضلعا متاثر ٿيا آهن جن ۾ سنڌ صوبي جا 23، بلوچستان جا 32، خيبر پختونخوا 17، پنجاب جا 3، گلگت بلتستان جا 6 ضلعا شامل آهن، هن وقت تائين مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار 329 ڄڻا متاثر ٿيا آهن، سنڌ صوبي ۾ متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 45 لک 63 هزار 770 آهي.