سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو: عورت فوت

0
134
سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو: عورت فوت
سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو: عورت فوت

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪاري بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو آهي

خيرپور ناٿن شاهه، ننگرپارڪر، گهوڙا ٻاري، ميرپور ساڪرو، نوري آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي آهي

ٽالهي، گولاڙچي، جهڏو، ڪڍڻ، سيراڻي، نبي سر روڊ ۽ ڪنري ۾ به وسڪارو ٿيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو

ڄام نواز علي، ٽنڊو باگو، ٿاڻو بولا خان، ڪوٽ لالو ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ به برسات پئي آهي

ننگرپارڪر ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 40 سالن جي عورت فوت ٿي وئي