سنڌ ۾ يارهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا لاءِ جعلي ويب سائيٽ هلڻ جو انڪشاف

0
334
سنڌ ۾ يارهين ڪلاس ۾ آن لائين
سنڌ ۾ يارهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا لاءِ جعلي ويب سائيٽ هلڻ جو انڪشاف

ڪراچي : سنڌ ۾ يارهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا لاءِ جعلي ويب سائيٽ هلڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ ۾ يارهين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا لاءِ جعلي ويب سائيٽ هلڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي

ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران جعلي ويب سائيٽ هلائيندڙ خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي ڏانهن خط لکيو ويو آھي

ڊي جي ڪاليجز جي ايف آءِ اي اختيارين کي آگاهي ڏني تھ هڪ جعلي ويب سائيٽ تي به شاگردن کان داخلا فارم آن لائين ورتا پيا وڃن

جعلي ويب سائيٽ تي ميل ۽ فيميل شاگردن کان موبائل نمبر، اي ميل ايڊريس ۽ ٻي معلومات ورتي پئي وڃي

ڊي جي ڪاليجز جي ايف آءِ اي اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ جعلي ويب سائيٽ ٺاھيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي