سنڌ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، گھر ڊھڻ سوڌو مختلف واقعن ۾ اڄ وڌيڪ 12 ڄڻا اجل جو شڪار

0
379

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهر ڊهڻ سوڌو مختلف واقعن ۾ ٻارن سوڌو وڌيڪ 12 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪنڌڪوٽ ڀرسان وسڪاري دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

May be an image of 5 people, child, people sitting and outdoors

 گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ گهر ڊهڻ سبب نينگر دٻجي فوت، ميرپور خاص شهر ۽ آسپاس جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي، گهر جي ڇِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر ڪمليش ميگهواڙ فوت، پيءُ زخمي ٿي پيو

 ميرپور ٻرڙو ڀرسان نينگر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، غوثپور ڀرسان گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، ڇاڇرو ۾ وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت، سيوهڻ ڀرسان باجارا ۾ گهر ڪرڻ سبب نينگري دم ڏئي ڇڏيوسنڌ ۾ جاري برساتن جو سلسلو

ننگر پارڪر ڀرسان وڄ ڪرڻ سبب 16 رڍون مري ويون، متاثرن پاران دانھون ڪيون پيون وڃن تھ اسان جا ٻڄڙا اسان کان جدا ٿي ويا آھن بندن تي ويٺا آھيون، حڪومت ڪا بھ واھر ناھي ڪئي

سنڌ ۾ جاري وسڪارن سبب متاثرن جو ساهه سُڪي ويو آھي، عام زندگي متاثر، ڪراچي ۾ رات کان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري، سکر ۾ وسڪاري طوفان اڪثر علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا

 جيل روڊ، رائل روڊ، پراڻو سکر، پيرزادا پاڙو ۽ ٻين علائقن ۾ ٻيڙيون هلڻ لڳيون، بازارون بند ٿيڻ سبب خوراڪ سوڌو عام واهپي جي شين جي سخت کوٽ، لاڙڪاڻو شهر ۽ ڀرپاسي وسڪاري دوران وڌيڪ 50 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا

 رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي کُليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جا اهنج ٻيڻا، بازارون ۽ گهر برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، خيرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ جاري وسڪارن سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي

بازارن، پاڙن ۽ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل، دادو شهر سوڌو ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ، مختلف پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن

ڄامشورو، ڪوٽڙي، کاڻوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جا راڱا، علي آباد ۾ نئين جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو،  يوسي اويس شاهه ۽ لاکا جو ٻين ڳوٺن سان زميني رابطو ڪاٽا

سنڌ ۾ برسات جون تباهڪاريون جاري، هر پاسي تباهيءَ جا هنيانءُ ڏاريندڙ منظر، ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ متاثر کٽن جي ٻيڙي ٺاهي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا

 ڪُنب ۾ ڳوٺ حاجي محمد لائق مڪمل طور ٻڏي ويو، چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڳوٺاڻن کي لڏپلاڻ ۾ ڏُکيائيون، ڀريا سٽي ۾ 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ آيل، متاثر خاندان ڀاڙا ڀري ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ 6 فُٽ پاڻي بيٺل آھي

 ڪُنري ۾ وقفي وقفي سان جاري وسڪارن سبب عام زندگي مفلوج، گهر، گهٽيون، ڳوٺ ۽ بازارون پاڻي هيٺ، متاثر خاندان راشن ۽ پناهه لاءِ دربدر، قاضي احمد ۽ ڀرپاسي جاري وسڪارن متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن، 150 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، ٽائون ڪميٽي، تعلقه اسپتال ۽ ٻيون سرڪاري آفيسز به پاڻي هيٺ آيل آھن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ وسڪارا وقفي وقفي سان جاري، مختلف واقعن ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ وسڪارا وقفي وقفي سان جاري، مختلف واقعن ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار