ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ جي ڊبليو سي جي طرفان پريس ڪلب ۾ منشيات کان پاڪ ٽنڊو محمد خان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي ، سول سوسائٽي ، قومپرست تنظيمن ، وڪيلن ، صحافين ، شهرين علائقي جي اندر منشيات جو ڳڙھ هجڻ جو ذميوار سرڪار، پوليس، چونڊيل عوامي نمائندن کي قرار ڏيندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. سول سوسائٽي فار ٽرٿ جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي مخاطب ٿيندي چيو ته منشيات سڄي سنڌ کي متاثر ڪري لکين انساني حياتين لاءِ نقصانڪار آهي، سنڌ جي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ٽنڊو محمد خان تائين منشيات جو واهپو عام ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مردن عورتن سان گڏ معصوم ٻار منشيات جا عادي بڻجي پنهنجي حياتين کي پاڻ وقت کان اڳ ضايع ڪري رهيا آهن، چونڊيل اسيمبلي ميمبرن ، ايم اين اي ، ايم پي ايز منشيات کي روڪڻ لاءِ ڪو به اپاءُ وٺي نه سگهيا آهن، وڏيرن ، ڀوتارن منشيات کي پنهنجو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، ڪک پتي، لک پتي، ارب پتي ٿي سنڌ جي روشن مستقبل کي تباھ برباد ڪري رهيا آهن. پوليس منشيات کي ختم ڪرڻ بجاءِ پاڻ ان کي هٿي ڏيئي رهي آهي، منشيات ، هيروئن ، چرس ، آفيم ، ڪچو شراب ، مين پڙي گهٽڪي سميت سموري منشيات جو واهپو انسان کي جسماني طور ڪمزور ڪري سندس زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏي ٿي، سنڌ ۾ وات جو ڪينسر مين پوڙي گهٽڪي مان انتهائي خطرناڪ شڪل اختيار ڪري نوجوان کي سندن شڪل مان خوفناڪ منظر جو ڏيک ڏياري ٿي ، منشيات جي خاتمي لاءِ عالمي ادارن توڙي ملڪي اعلى حڪام کي سنڌ مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن ، ڪانفرنس کي سنڌ جي سينئر صحافي ۽ اينڪر پرسن فهيم ٻٻر مخاطب ٿيندي چيو ته صدين کان پنهنجي قديم تاريخ جو اثاثو رکندڙ سنڌ کي سازش تحت منشيات جو مرڪزي بڻائي نوجوان نسل جو روشن مستقبل تباھ برباد ڪيو وڃي پيو. ڪانفرنس کي حيدرآباد جي سينئر صحافي ظفر هڪڙو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.