حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي ڀاڻ جي کوٽ کي هٿرادو قرار ڏيندي  وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري زرعي ڀاڻ جي کوٽ جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي رليف فراهم ڪيو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ ثمر حيدر جتوئي، احمد نواز انقلابي ۽ ٻين چيو ته هو پاڻي ۽ زرعي ڀاڻ جي کوٽ کي هٿرادو سمجهن ٿا. اڳواڻن ميهڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪيل احتجاج دوران مظاهرين تي تشدد واري عمل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هنن چيو ته هاري ۽ پورهيت ننڌڻڪا نه آهن. انهن تي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ هاري ڪاميٽي مطالبو ڪيو ته پورهيتن تي تشدد واري مامعلي جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ ڊگهي جدوجهد جو سڏ ڏنو ويندو.