ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هن سال سنڌ ۾ 36 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي. جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2 لک ميٽرڪ ٽن وڌيڪ آهي، هنن چيو ته جنهن وقت تي سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ کي خوراڪ جي بحران کان محفوظ بڻايو جڏهن ته ٻين صوبن جي حڪومتن ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائڻ واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ھئي. هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو آهي 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ٽارگيٽ پورو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ڀيري به موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏن سبب زرعي شعبي کي وڏو نقصان پهتو. سنڌ حڪومت ٻج خريداري لاءِ هارين ۽ آبادگارن کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي پڻ ڏني . جنهن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن ۽ اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آهي خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ حڪومت ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن فيصلو ڪيو هو ته پاسڪو کان 2 ملين ٻوريون خريد ڪري فلور ملز کي فراهم ڪيون وينديون.  پهرين مرحلي ۾ هر مل کي 6 هزار ٻوريون فراهم ڪيون وينديون، جيڪي ڪل 5 لک ٻوريون ٿينديون.  فلور ملز چالان جمع ڪرايا ، سنڌ حڪومت 15 اپريل کان ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي. اڄ تائين 5 لک ٻورين جي فلار ملز کي فراهمي مڪمل ٿي ويندي.   هن چيو ته جيستائين سنڌ حڪومت پنهنجو هدف پورو نه ڪندي ته سرحد نه کولي سگهنداسين. هن چيو ته ڪراچي جي فلور ملن کي سنڌ جي ٻين ضلعن مان ڪڻڪ ڪراچي آڻڻ لاءِ 10 ڏينهن اجازت ڏني وئي هئي. جنهن ڪري ڪڻڪ جو اگهه وڌي ويو  .