سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران ڪاپيءَ جي ڌم متل، مٺي ۾ شاگردن جو ڌرڻو

0
195
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران مختلف سينٽرن تي ڪاپيءَ جي ڌم متل
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران مختلف سينٽرن تي ڪاپيءَ جي ڌم متل

ڪراچي: سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران مختلف امتحاني سينٽرن تي ڪاپيءَ جي ڌم متل، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، ڇاپن دوران شاگردن موبائيل فونز ۽ گائيڊون هٿ ڪيون ويون

 مٺي ۾ ڪاپي ڪيس ڪرڻ تي شاگردن طرفان امتحاني سينٽر جي گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ڪنٽرولر جي گاڏي جو گهيراءُ ڪيو ويو

ڪنٽرولر انور خانزاده چيو آهي ته شاگردن کان فونون پڪڙڻ تان اسڪول انتظاميه کين ڀڙڪائي اسان جو گهيراءُ ڪرايو آهي

اسڪول جي هيڊ ماستر انور ساهڙ جو چوڻ آهي ته امتحاني سينٽر کي ٽارگيٽ بڻائي شاگردن کي هيسايو ويو، صرف اسان جي اسڪول تي ئي ڇاپا ڇو پيا هنيا وڃن؟

هيڊ ماستر چيو ته پيپر نه ملڻ جي شڪايت ڪرڻ تي بورڊ وارن ڇاپو هڻي شاگردن کي بنا جواز تنگ ڪيو آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري، مختلف سينٽرز تي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ