ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو رت ۾ وهنجي ويو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 150 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا، جهيڙا ۽ حملا ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي مارڪٽ ڪئي وئي، مختلف پولنگن تي اميدوار ۽ سندن حامي وڙهندا رهيا. اليڪشن ڪميشن ميرپورخاص ۾ جهيڙي جو نوٽيس ورتو، پني عاقل ۾ پولنگن اندر جهيڙو ۽ هنگامو ڪندڙ 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب ڪالهه سنڌ اندر مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پولنگ ٿي جنهن ۾ 14 ضلعن اندر 5 هزار 331 سيٽن تي 21 هزار 298 اميدوارن ۾ مقابلا ٿيا. جنهن لاءِ 9 هزار 23 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون جن مان 2 هزار 145 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو هو. ان لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو 5 وڳي تائين جاري رهيو. ان دوران مختلف جاين تي حملا ڪيا ويا، اميدوارن جي حامين ۽ مخالفن ۾ جهيڙا ٿيندا رهيا. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو جهيڙو روهڙيءَ جي 11 وارڊن ۽ 14 يوسيز ۾ مڪاني چونڊن جي مقابلن دوران پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن جي حامين ۽ ووٽرن ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون. ان دوران روهڙيءَ ويجهو دبر ٿاڻي جي حد يوسي پنھوار جي ڳوٺ قابل جاگيراڻي جي الله جڙيو پولنگ اسٽيشن تي جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ان دوران فائرنگ، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ھڪ نوجوان عبدالقدير جاگيراڻي مارجي ويو. جڏهن ته ماجد علي جاگيراڻي، عبدالصمد، بھادر علي شامل آهن. جهيڙي جي زخمين کي اعلاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جن مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. مقتول جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس ۽ رينجرس پھچي جهيڙو بند ڪرائي ڇڏيو ۽ پولنگ عملي کي واپس ڪري پولنگ ملتوي ڪري ڪرائي وئي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار هئي. ھوڏانھن ساڳئي علائقي ۾ حاجي خان ٻرڙو پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران لٺيون سروٽا لڳڻ سبب جاگيراڻي برادريءَ جا 3 ڄڻا فراز، الطاف حسين ۽ دين محمد جاگيراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن ٽنڊوآدم ميونسپل جي وارڊ 13 تي پ پ اميدوار لالا عمير پٺاڻ جي مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار ظفرخان گنڊاپور جو وڏو ڀاءُ 45 ورهين جو قيصر خان گنڊاپور جي پولنگ اسٽيشن ضياءُ الدين پرائمري اسڪول ٻاهران مبينا طور پ پ ڪارڪنن سان منهن ماري دوران ٿي جنهن دوران هو فوت ٿي ويو، جنهن کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ڊاڪٽر سرور ڪوريجو ميڊيا کي ٻڌايو ته قيصر خان کي فوتي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو، سندس جسم تي تشدد جا ڪي به  نشان نه هئا، ٻئي طرف فوتي جي ڀاءُ ظفر خان ۽ ٻين الزام هنيو ته پ پ ڪارڪنن تشدد ڪري قيصر خان کي قتل ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو چيو ته وارڊ نمبر 13 ۾ پولنگ عمل سڄو ڏينهن پرامن رهيو، پ پ ڪارڪنن جو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي ٿيو، قيصر خان شگر جو مريض هو، جنهن جو طبعي موت ٿيو آهي، پ پ تي الزام اجايا آهن. شھدادپور ۾ پولنگن تي جهيڙن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، پولنگ اسٽيشن شجاع جکرو ۾ ووٽنگ دوران جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب جي ڊي اي جا 4 ڄڻا غلام نبي ڪوري، غلام محمد ڪوري، عبدالسلام سنجراڻي ۽ شفيع محمد سنجراڻي زخمي ٿي پيا، يونين ڪائونسل ٻااچڙي ۾ ووٽنگ دوران جهيڙي سبب جي ڊي اي جا حامي 15 ڄڻا انور، زاهد، حبيب الله، پرويز، غلام قادر، مسمات ريشمان ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، پولنگ اسٽيشن هاشم خاصخيلي ۾ به جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ 2 ڄڻا غلام حيدر رند ۽ محمد رند زخمي ٿيا، زخمين مان هڪ ڄڻي نديم جسڪاڻي کي نازڪ حالت هجڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، پولنگ نبي بخش سهتو ۾ به پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جتي پولنگ عملو پولنگ بند ڪري سامان کڻي واپس روانو ٿي ويو، تعلقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پولنگ اسٽيشنز تي رينجر مقرر ڪئي وئي. گهوٽڪي ضلعي جي شهر داد لغاري ويجهو يوسي ڍانگرو جي پولنگ اسٽيشن ابل ڳڙھي ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ جھيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا عطا حسين، ٺارو بوزدار، جھانگير ۽ بلاول بوزدار زخمي ٿي پيا. پنوعاقل ۾ مڪاني چونڊ لاءِ مختلف پولنگ اسٽيشنن تي بدنظمي، جھيڙن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پنوعاقل جي يونين ڪاؤنسل جوڻاس جي پولنگ اسٽيشن فريد مھر تي ٽن سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران ڪارڪنن ھڪ ٻئي کي ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو. جهيڙي دوران جي ڊي اي جا رسول بخش، عبدالغني، بادل مڱريو، غلام شبير، محمد سليم، محراب، دوست محمد، جڏھن ته جي يو آءِ جا ذوالفقار، زاهد، ممتاز، نسيم، صديق، جندل، اظهر، غلام حسين شھزادو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي ايمبولينس بجاءِ قيدين واري گاڏيءَ ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جھيڙي ۽ ڇڪتاڻ سبب پولنگ جو عمل ڪجهه دير لاءِ بند ڪيو ويو، جنھن رينجرز پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي ووٽنگ ٻيهر شروع ڪرائي.ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر 64 ڄڻا بلدياتي اليڪشن ۾ زخمي ٿي پيا جن مان 3 کي گوليون لڳل 10 ڄڻا لاڙڪاڻه ۽ سکر اسپتال منتقل ڪيا ويا. مڪاني چونڊ دوران ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ جهيڙن ۽ حملن ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن سميت 64 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪنڌڪوٽ جي وارڊ نمبر 6 تي پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پ پ ڪارڪنن جي يو آءِ جي پولنگ ٻاهران لڳل ڪئمپ پٽي ڇڏي، پولنگ اسٽيشن ٻاهريان بيٺل ڪار، ڊاٽسنن جي شيشن ۽ گاڏين تي لٺيون وسائي وڏو نقصان رسايو ويو. وارڊ 1 تي به پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. وارڊ نمبر 2 تي پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن جي جهيڙي دوران اسسٽنٽ پرزائيڊنگ عورت آفيسر آمنا بلوچ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.جڏهن ته وارڊ نمبر 10 تي به پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن جهيڙو ٿي پيو، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف يوسي وڪڙو ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪن ۾ جهيڙو ٿيو،5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف يوسي چهيل ۾ به ڇڪتاڻ برقرار رهي، معززين وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاريو. يوسي مانجهي ۾ به پ پ ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. يوسي ملهير جي پولنگ اسٽيشن تي اميدوارن جي حمايتين سندراڻي ۽ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ ٿي، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 2 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته پولنگ اسٽيشن نهال جعفري ۾ فائرنگ سبب پرزائيڊنگ آفيسر الاهي بخش ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو.  مدئجي ٽائون جي وارڊ نمبر 5 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جي ڊي اي اميدوار راشد جوڻيجو پنهنجي ٻن ڀائرن باغي اظهر جوڻيجو ۽ سعيد جوڻيجو سميت زخمي ٿي پيو، جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر زخمي اميدوار جي عيادت ڪئي. غوث بخش مهر چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ پ پ جي حمايتي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري اسان جي اميدوار راشد جوڻيجو کي ٻن ڀائرن اظهر جوڻيجو ۽ سعيد جوڻيجو سميت زخمي ڪيو. پ پ اڳواڻ نجف ڪماريو جي ڊي اي پاران لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيوته وارڊ نمبر 5 جي پولنگ تي منهنجي ڀاءُ پيار ڪماريو سان وڙهيا، غوث بخش مهر سان ڳالهائي جهيڙو ختم ڪرايو، مامري جي لازمي مامري جي جاچ ڪرائينداسين، پوليس جهيڙو ٽاريو. نوان جتوئي جي يوسي ڏيپارجا جي پولنگ اسٽيشن ارباب چانڊيو تي پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 12ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف ميرپورخاص ۾ پ پ اڳواڻ هري رام ڪشوري لال جي پٽ ڪرن هري رام تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن پرزائيڊنگ آفيسر سان جهيڙو ڪيو ۽ساڻس بدتميزي ڪئي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن ميرپور خاص جي يونين ڪائونسل نمبر 7 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 9 تي پرزائيڊنگ آفيسر کي ڌمڪيون ڏيڻ واري مامري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ڪرن هري رام جي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ڪالهه پوڻين 2 وڳي ڌاري جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو ته پنو عاقل ۾ پولنگ اندر هنگامو ڪرڻ ۾ ملوث 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اليڪشن کي روڪڻ جي ڪوشش کي بروقت ناڪام ڪيو ويو.