اسلام آباد: سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي جا اڃا تائين نتيجا نه آيا آهن،  بدترين غنڊه گردي ٿي آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو پر اسان ڄمي بيٺل رهياسين، بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، اسان نشاندهي ڪئي ته اسان جي ايم پي اي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو،  اسان جو مقابلو انهن جي ڌانڌلي سان آهي، گرفتار ايم پي ايز ۽ ڪارڪنن تان ڪيس واپس ورتا وڃن.