سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران رينجرز ۽ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
362
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران رينجرز ۽ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران سڪيورٽي لاءِ رينجرز ۽ فوج کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ جي اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن ۾ فوج ۽ رينجرز جي مقرري لاءِ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي

 خط ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ واري ڏينهن تشدد ۽ جهيڙي جو خطرو آهي. صوبي جي ڪمشنرن پولنگ اسٽيشنن تي رينجرز اهلڪارن جي مقرري جي به درخواست ڪئي آهي

 خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊي آر اوز ۽ اميدوارن به رينجرز جي مقرري لاءِ درخواست ڏني آهي. پرامن چونڊن لاءِ رينجرز ۽ فوج جي جوانن جي مقرري ضروري آهي

ٻئي طرف سنڌ جي گهرو کاتي به شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 10 هزار رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي