سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو موسم جِي صورتحال سان مشروط

0
231
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو موسم جِي صورتحال سان مشروط

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو موسم جِي صورتحال سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، شيڊول موجب پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيڻي آهي
صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز چوهاڻ چيو آهي ته، موسميات کاتي کان برساتن جِي تازي صورتحال بابت ڄاڻ ورتي آهي
صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب هن وقت حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ ڪافي پاڻي موجود آهي، مٽياري، دادو، بدين، ٺٽي، سجاول جِي سامونڊي پٽي به متاثر ٿي آهي
هن چيوته برسات سبب متاثر هنڌن تي پولنگ اسٽيشنز متاثر ٿيون، ڪراچي جَي علائقن ملير، لياري، ميٺادر ۾ به پاڻي موجود آهي
صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز چوهاڻ موجب سمورن ڊي سيز ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان موجودا صورتحال جي رپورٽ ورتي آهي، ايندڙ هفتي برسات پوندي ته 23 ۽ 24 آگسٽ تائين جائزو وٺنداسين
اعجاز چوهاڻ چيو ته جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي موڪلينداسين

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ٿيڻ جي تصديق

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

جماعت اسلامي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ بعد احتجاج ڇو پئي ڪري؟اليڪشن ڪميشن