سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت صوبائي  اليڪشن ڪمشنر جو اھم بيان

0
679

ڪراچي: صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ سڀاڻي سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ ٿي رھي آھي

ھن ٻڌايو تھ اليڪشن جي سامان منتقل ڪرڻ جو ڪم جاري آھي، 230 آر اوز ۽ 14 ڊي آر اوز آھن، 9 ھزار پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آھن

اعجاز انور چوھاڻ موجب حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايو ويون آھن، 5331 سيٽن تي چونڊون پيون ٿين، جنھن تي 21 ھزار کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رھيا آھن، سموريون تياريون مڪمل آھن، پوليس مقرر ڪئي وئي آھي

اعجاز انور چوھاڻ چيو تھ ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آھن، ڪجھھ پولنگ اسٽيشنز تي گڙٻڙ خلاف ايڪشن ورتو ۽ ايف آئي آرز بھ ڪٽرايون ويون آھن، جيڪڏھن انھن طرفان اليڪشن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي تھ قانوني ڪارروائي ٿيندي