مڪاني نظام جي شروعات: 10 هزار اميدوارن حلف کڻي ورتو: پي ٽي آءِ اڳواڻن جون گرفتاريون

0
288
مڪاني نظام جي شروعات
مڪاني نظام جي شروعات: 10 هزار اميدوارن حلف کڻي ورتو: پي ٽي آءِ اڳواڻن جون گرفتاريون

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا حلف کڻڻ نه آيا، جيڪي آيا تن کي گرفتار ڪيو ويو

 

 

 

 

 

 

 

ڪراچي، ملير، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد،  ميرپورخاص ڊويزن ۾ چونڊيل نمائندن  کان حلف کڻائڻ واريون تقريبون ڪوٺائي قسم کڻايو ويو

سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري، عمرڪوٽ، قمبر، سانگهڙ، ٿرپارڪر، ڄامشورو،  خيرپور، نوشهروفيروز ۾ تقريبون منعقد ٿيون

شهدادپور، ميرپورماٿيلو، ڪنري، دوڙ،  ڳڙهي ياسين، نيو سعيد آباد، ڀٽ  شاهه، پنوعاقل ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون

قاضي احمد، شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، اوٻاوڙو، فيض گنج، ڏوڪري  ۾ حلف برداري تقريبون ڪوٺايون ويون

ڀرياسٽي، ڄام نواز علي، باقراڻي، کپرو، بدين، وارهه، ڪنڊيارو، صالح پٽ، سڪرنڊ، نوابشاهه، عادلپور ۾ چونڊيل نمائندن کي حلف کڻايو ويو

جاتي، ڪشمور، ڪوٽ غلام محمد،  ٽنڊو غلام حيدر، ٺٽو، ٽنڊو آدم، جاتي،  ٽنڊو الهيار، جيڪب آباد ۾ تقريبون ٿيون

شڪارپور، ڪلوئي، تلهار، ڪوٽڙي،  خانپور مهر، خانڳڙهه، مٺياڻي ۽ ٻين  شهرن ۾ به چونڊيل نمائندن حلف کنيا

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سنڌ ڪراچي  مان چونڊيل مڪاني نمائندن جي گرفتارين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

پي ٽي آءِ سنڌ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان  پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن کي  گرفتار ڪيو پيو وڃي

پي ٽي آءِ موجب پ پ عوام جي چونڊيل نمائندن کي  گرفتار ڪرائي  سندن جمهوري حق کسي رهي آهي، پي ٽي آءِ نمائندن تي دٻاءُ وڌو  پيو وڃي ته ميئر جي لاءِ پ پ کي ووٽ ڏين