سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پنڊي جي نجي ڪمپني کي ڏيڻ جون تياريون، 8 مان 5 بورڊز ۾ ايڊهاڪ لڳل

0
325
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ تعليمي بورڊن جو حال هيڻو، 8 تعليمي بورڊن مان 5 بورڊ بِنا چيئرمين جي هلڻ لڳا، 8 مان هڪ بورڊ ۾ به امتحاني ڪنٽرول ورهين کان مقرر ٿيل ناهن! سمورن تعليمي بورڊن ۾ مالي معاملا سنڀاليندڙ سيڪريٽرين جا عهدا به خالي، صوبي ۾ رڳو ڪراچي انٽر بورڊ، ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ۽ لاڙڪاڻي بورڊ جا چيئرمين موجود، انهن جو مدو به 8 مهينن بعد مڪمل ٿيڻ کان پوءِ صوبي جا سمورا بورڊ بغير چيئرمين ۾ هلڻ جو امڪان آهن

مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ماتحت هلندڙ تعليمي بورڊن ۾ بدترين انتظامي بحران سبب انتظامي ۽ مالي معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويا، نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جي شاگردن جي امتحانن سان جُڙيل تعليمي بورڊن جي چيئرمينن ۽ ڪنٽرولرن جي گذريل ڊگھي عرصي کان مقرري نه ٿيڻ جي ڪري حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ ۽ هنري سکيا واري سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جا  چيئرمين ڀرتي نه ٿيڻ جي ڪري ڄاڻايل 5 ئي بورڊن ۾ چيئرمين وارا عهدا ايڊهاڪ جي بنيادن تي ڏنا ويا آهن. ميرپور خاص ۽ حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ برڪت حيدري ايڊهاڪ جي بنياد تي ويٺل آهي

جڏهن ته سکر تعليمي بورڊ ۾ رفيق پَل، شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ ۾ شهيد بينظيرآباد وٽرنري اينڊ اينيمل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سيد فاروق حسن شاھ کي ڊيپوٽيشن تي غيرقانوني طور تي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم کاتي کان ڊيپوٽيشن جي بنياد تي جان محمد ملڪ کي گھرائي سيڪريٽري شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح لوڪل گورنمينٽ جي ملازم احسان الاهي ڀٽو کي وري ڊيپوٽيشن تي ڪنٽرولر شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي!

اهڙي طرح صوبي جي هڪ ٽيڪنيڪل بورڊ سميت سمورن تعليمي بورڊن ۾ هڪ به امتحاني ڪنٽرولر مقرر ٿيل ناهي، جنهن ڪري امتحاني ڪنٽرولرن وارا عهدا به من پسند ملازمن کي عارضي بنيادن تي ڏنا ويا آهن، جنهن جي ڪري تعليمي بورڊن جو سمورو نظام مفلوج آهي، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ، ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاھ ۽ ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين جو مُدو به 8 مهينن کان پوءِ مڪمل ٿي ويندو

جنهن کان پوءِ به چيئرمينن جي مقرري نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي ۾ سمورن تعليمي بورڊن ۾ چيئرمين ايڊهاڪ تي مقرر ٿيل هوندا، جڏهن ته تعليمي بورڊن ۾ مالي معاملا سنڀاليندڙ سيڪريٽرين وارا عهدا به سمورن بورڊن ۾ خالي هجڻ سبب ايڊهاڪ جي بنيادن تي مختلف ملازمن کي سونپيا ويا آهن

ڪراچي: سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحان جو سمورو عمل سنڌ اسيمبلي جي منظور ايڪٽ جي ابتڙ راولپنڊي جي نجي ڪمپني ريڊ مارڪر کي ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃنڪرپشن ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن

نجي ٽي وي موجب ان لاءِ سمورن بورڊز جي چيئرمينز تي سخت دٻاءُ وڌو پيو وڃي. نجي ٽي وي کي هڪ بورڊ جي چيئرمين نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته يونيورسٽيز ۽ اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري اجلاس ۾ ڪمپني جي نمائندي عورت کان بريفنگ ڏياري ۽ ميٽرڪ ۽ انٽر جي متحانن جا ابتدائي 3 مرحلا هن ئي سال ان ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو

جنهن ۾ پهرئين مرحلي ۾ امتحاني پرچن جي تياري، ٻئي ۾ امتحان منعقد ڪرڻ ۽ ٽئين مرحلي ۾ امتحاني ڪاپين جي اسيسمنٽ شامل هجي ۽ چوٿون ۽ آخري مرحلو نتيجا جاري ڪرڻ جو معاملو بورڊز وٽ ئي رهڻ ڏنو وڃي. چيئرمين بورڊ ٻڌايو ته لکين شاگردن جي امتحان ۾ شرڪت جي انتظامن جي حوالي سان پڇيو ويو ته اداري جو ڪو به هوم ورڪ ڪيل نه هو

جنهن تي سيڪريٽري چيو ته ائين ڪريو جو آزمائشي طور تي هڪ فيڪلٽي جا امتحان ڏنا وڃن جن بورڊز وٽ گهٽ شاگرد آهن انهن جا امتحان انهن حوالي ڪيا وڃن. اجلاس جي ٻن هفتن بعد ئي کاتي بورڊز کي لکيو ته يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي ان لاءِ امتحان آئوٽ سورس ڪيا وڃن جنهن تي سمورا چيئرمين ۽ ڪنٽرولر حيران رهجي ويا

هي به پڙهندا

امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن ۾ واڌ ۽ رزلٽ تبديل ڪرڻ وارو  اسڪينڊل: حڪومت جو وڏو فيصلو