سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

0
367

ڪراچي: سنڌ جي گهرو کاتي ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مناسبت سان موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
گهرو کاتي موجب، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
سجاول ۽ مٽياري ۾ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، ٺٽو شهر ۽ جهرڪ ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
ميرپورخاص شهر ۽ سيٽلائيٽ ٽائون ۾ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، شهيد بينظيراباد ضلعي جي ڪچهري روڊ، ڪلاٿ مارڪيٽ، گول چڪرا مارڪيٽ، شهدادپور روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
گهرو کاتي موجب خيرپور ۾ 18 کان 23 صفر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ 19 صفر تي 3 وڳي کان ساڍا 11 هين وڳي ۽ 20 صفر تي 8 وڳي کان ساڍا 11 وڳي تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
گهوٽڪي ضلعي ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، سانگهڙ ۾ 20 صفر ۽ سکر ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي ۾ 8 کان 10 محرم تائين ٻيلهه سواري تي پابندي

سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون ۾ نرمي، ٻيلهه سواري تي به پابندي ختم

سنڌ ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي، ڪار ۾ رڳو 2 ماڻهو کڻڻ جي اجازت