ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ منشيات جي آمد روڪڻ لاءِ ڊي جي رينجرز جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم،  نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پاران گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اينٽي نارڪوٽڪس واري وفاقي وزير  شاهه زين بگٽي جي گڏيل صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته صوبائي حڪومت منشيات خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ منشيات تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته تعليمي ادارن خاص ڪري ڪراچي ۾ منشيات جو اچڻ اسان جي ٻارن لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته صوبائي سرحدن تي منشيات تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊي جي رينجرز جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، صوبائي ٽاسڪ فورس کي مهيني اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته آءِ جي پوليس جي سربراهي ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ هڪ ٻي ڪاميٽي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد 2 ٻه ڊرگ ريهيبليٽيشن سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ نفسياتي ماهر گڏجي ڪم ڪن ٿا. سنڌ حڪومت سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ منشيات جي استعمال ڪندڙن جي بحالي لاءِ خاص مرڪز قائم ڪرڻ چاهي ٿي انهي کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير شاهه زين بگٽي منگھوپير ۾ بينظير شهيد ماڊل ايڊيڪٽس ٽريٽمينٽ اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سينٽر ۾ 60 بسترن جي گنجائش آهي، هتي منشيات جي عادي ماڻهن لاءِ مفت علاج ۽ بحالي جون سهولتون آهن،  هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات جو مسئلو مختلف سماجي ۽ معاشي مسئلن ، صحت ۽ سيڪيورٽي ، غربت، بيروزگاري، ڏوهن، تشدد، ايڇ آءِ وي ايڊز، هيپاٽائيٽس، ٽي بي، ذهني معذوري ۽ انساني حقن جي اسمگلنگ سان پڻ جڙيل آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سينٽر ۾ ايندڙ منشيات جي عادين کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ هنر، عربي ۽ چيني ٻوليون سيکاريون وينديون. هن زور ڏنو ته جيلن ۾ منشيات جو واهپو روڪڻ جي ضرورت آهي،هوڏانهن ڪراچي جيل جي دوري دوران وفاقي وزير شاهزين بگٽي  ڪراچي جي جيلن  ۾ 4 ۽ شهر ۾ 8 ريھيبلٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مون گھڻو وقت جيل ۾ ئي گذاريو آھي، جيلن ۾ قيدين جي تڪليفن جو احساس آھي،ان موقعي تي سن جي جيل واري صلاحڪار اعجاز جکراڻي جو چوڻ ھو ته ملير جي جيل کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي.