سنڌ ۾ مليريا ۽ گئسٽرو سوڌو ٻين وبائن وڌيڪ 22 حياتيون کسي ورتيون

0
289
سنڌ ۾ مليريا ۽ گئسٽرو
سنڌ ۾ مليريا ۽ گئسٽرو سوڌو ٻين وبائن وڌيڪ 22 حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي(نمائندن وٽان) ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ مليريا ۽ گئسٽرو سوڌو ٻين وبائن وڌيڪ 22 حياتيون کسي ورتيون، اسپتالن ۾ دوائون جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن
قمبر جي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل 3 ٻارڙيون مليريا وگهي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ڪڪڙ ۾ مليريا اٺين ڪلاس جي شاگرد ۽ نينگر جي حياتي ڳڙڪائي وئي
تنگواڻي ۾ 2 ٻار ۽ نئون ديرو ۾ هڪ نينگر گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا، ٺل ۾ 2 نوجوانن ۽ هڪ ٻارڙيءَ مليريا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو
پنو عاقل ۾ وڌيڪ ٻن ٻارن گئسٽرو وگهي دم ڏنو، نوان جتوئي ۽ مٺياڻي ۾ 2 ڄڻا مليريا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد فوت ٿي ويا
اڪري چودڳي ۾ پيرسن ڳوٺاڻو گئسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو، گاجي کهاوڙ ۾ ڳوٺ ڊرٻ ڪوڙو واسي نينگر گئسٽرو وگهي دم ڏئي ڇڏيو
جوهي ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ نينگر مليريا سبب فوت ٿي ويو

ھي به پڙھندا

سم نالي کي ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هنيل ڌرڻي تي مظاهرين ۽ مڇريل ماڻهن ۾ ڇڪتاڻ برقرار

ڳوٺ ٻڏي ويو پر ڪو به چونڊيل نمائندو نه پهتو: خيرپور جي شاعر نئون ڪلام ٺاهي ورتو

وڏي وزير جي گهوٽڪي آمد: جروار ۽ يارو لنڊ جا مسئلا حل ڪرڻ پهتو آهيان: مراد علي شاهه