ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مليريا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت، ڇاڇرو ويجهو ٻن ٻارن کي ڊينگي جي تصديق، خبر موجب ميرپور ٻرڙو جي ڳوٺ ڪرم علي ۾ 5 سالن جو سينگار علي لاشاري مليريا وگهي فوت ٿي ويو، دوداپور جي ڳوٺ خير محمد وانڍ ۾ مليريا وگهي 10 سالن جي سونيا ڪٽوهر فوت ٿي وئي، ٻئي پاسي ڇاڇرو جي ڳوٺ سمون رند ۾ هڪ ئي گهر جا ٻه ٻارڙا ڊينگي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب حفيظ الله ولد انيس ۽ رضوان پٽ نواز علي رند کي عمرڪوٽ جي خانگي سينٽر آندو ويو، جتي ٻنهي جون ٽيسٽون مثبت آيون، ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ مليريا جا پڻ ڪيترائي ڪيس سامهون آيا آهن، مريضن ۾ خديجه، طاهر ۽ ٻيا شامل آهن.