سنڌ ۾ مليريا بي قابو: 15هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

0
348
سنڌ ۾ مليريا بي قابو

ڪراچي: سنڌ ۾ مليريا ڪيسن ۾ خطرناڪ واڌ ٿي آهي، هڪ مهيني اندر 15 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن

صحت کاتي جي اختيارين رڳو جون مهيني ۾ مليريا ڪيسن بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن

صحت کاتي موجب ٺٽو، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا مليريا سبب سخت متاثر ٿيا آهن

ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ هزار 71، لاڙڪاڻي ۾ 1114 ۽ بدين ۾ 1795 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي

رپورٽ موجب ميرپور خاص ۾ 865، عمرڪوٽ ۾ 1431، قمبر ۾ 709، دادو ۾ 64 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

ٽنڊو الهيار ۾ 130، حيدرآباد ۾ 65، خيرپور ۾ 255، شهيد بينظير آباد ۾ 77 ڪيس ظاهر ٿيا

ٿرپارڪر ۾ 197، سانگهڙ ۾ 61، سکر ۽ 29، شڪارپور ۾ 127، گهوٽڪي ۾ 41 ڪيس سامهون آيا

رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪشمور ۾ 126، ڄامشوري ۾ 24، ڪراچي ۾ 98، ٺٽي ۾ 4510 ڪيس ظاهر ٿيا

صوبي ۾ ھلندڙ سال جي 6 مهينن ۾ 49 هزار ڪيس سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي