سنڌ ۾ مسافر ٽرانسپورٽرز هٿان يرغمال: عيد وئي پر ڀاڙا گهٽ نه ٿيا، پيٽ پاليون يا ڀاڙا ڀريون؟ مسافر

0
193
سنڌ ۾ مسافر ٽرانسپورٽرز هٿان يرغمال
سنڌ ۾ مسافر ٽرانسپورٽرز هٿان يرغمال: عيد وئي پر ڀاڙا گهٽ نه ٿيا، پيٽ پاليون يا ڀاڙا ڀريون؟ مسافر

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ٽرانسپورٽرز هوڏ تي قائم آهن، مسافرن کان ڳرا ڀاڙا اوڳاڙڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن

مسافرن موجب عيد الفطر ملهائڻ لاءِ جڏهن ڪراچي ۽ ٻين شهرن کان اباڻن پڊن ڏانهن واپس پئي ٿياسين ته ٽرانسپورٽرن 1000 رپيا ڀاڙي جي جاءِ تي 2500 کان 3000 هزار رپيا ورتا، شڪايت باوجود موٽر وي پوليس توڙي لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا ڪو ايڪشن کڻڻ بدران فوٽو سيشن تائين محدود رهي

مسافرن موجب هاڻ جڏهن مختلف شهرن مان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ڏانهن واپسي ٿي رهي آهي ته ٽرانسپورٽرن وري ڀاڙا وڌائي 1000 رپين جي جاءِ تي 2800 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪو مسافر شڪايت ڪري ٿو ته اُن کي ڌڪا ڏئي گاڏين تان لاهي تذليل ڪئي وڃي ٿي

هنن الزام هنيو ته سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل انتظاميا ٽرانسپورٽرز خلاف ڪا  ڪارروائي ناهي ڪئي، مسڪين آهيون، جيڪي ڏوڪڙ ٻچن جي گذر سفر لاءِ گڏ ڪيا هئا، اُهي رڳو ڪيراين ڀاڙن ۾ خرچ ٿي ويا، هاڻ گذر سفر ڪيئن ٿيندو؟

مسافرن سنڌ حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽرانسپورٽرن خلاف ايڪشن کڻي روزگار سانگي ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن واپس ايندڙ مسڪينن کان اضافي ڀاڙي جي اوڳاڙي بند ڪرائي وڃي