سکر (بيورو رپورٽ) ليبر ڪالونيءَ جي فليٽس بابت ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ آڏو صوبائي وزير سعيد غني پاران کاتي اندر مزدورن جا مسئلا هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو. عدالتن  سعيد غني جي خاطريءَ بعد مزدورن جي پگهار جي پيل 6 ارب رپين مان مزدورن جي اولاد کي معياري ادارن ۾ پڙهائڻ لاءِ 2 ارب رپين جو انڊووِمينٽ فنڊ ٺاهڻ ۽ مزدورن جي رجسٽريشن ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پيش ٿيا. ان دوران جسٽس صلاح الدين پنهور سعيد غنيءَ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان سميع الله ڪميشن رپورٽ پڙهي آهي، ان ۾ مزدورن جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. ان تي سعيد غني ٻڌايو ته اعتراف ڪندي چيو ته مڃان ٿو ته کاتي اندر مسئلا حل نه ڪري سگهيا آهيون پر مزدورن جي رجسٽريشن نادرا ذريعي ڪرائي پئي وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ وڌيڪ چيو  ته اوهان مزدورن جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي کي ڏئي ڇڏي آهي. ان تي سعيد غني جو چوڻ هو ته قانون ۾ آهي تڏهن اسپتال جي عمارت اين آءِ سي وي ڊي حوالي ڪئي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سول اسپتالن جي حالت خراب آهي. نالا وڏا رکڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، اتي جيڪا دوا آهي اها اوهان پاڻ به نه کائيندؤ. بجيٽ اوهان وٽ آهي، مزدورن کي آغا خان ۽ سائوٿ سٽي جي پئنل تي ڇو نه پيو رکيو وڃي. ان تي سعيد غني چيو ته ڪوشش ڪريان پيو ته جيڪي مزدورن جا پئسا آهن اهي سندن اولاد جي تعليم تي خرچ ڪريان، جتي اداري جي ملازمن جي ڪوتاهي آهي انهن خلاف ايڪشن کڻي رهيو آهيان. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته 6 لک رجسٽرڊ مزدورن جي اولاد لاءِ آءِ بي اي کي گهڻن ٻارڙن جي اسڪالرشپ ڏني آهي. هڪ ٻار لاءِ ناهي ڏني وئي. مزدورن جي پيل 6 ارب رپين مان مزدورن جا ٻار آمريڪا ۾ پڙهن ها پر هتي ته نظام ئي درهم برهم آهي. آءِ بي اي ۽ ٻين سٺن تعليمي ادارن ۾ 100 مزدون جي ٻارڙن کي اسڪالرشپ تي پڙهايو پيا پر جيڪڏهن اهو ثابت ڪيو ته اسان هليا ٿا وڃون يا وري اوهان وزارت ڇڏي گهر هليا وڃو. اسان اوهان کي چئلينج پيا ڪيون. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته مزدورن جي پگهار جا 6 ارب رپيا انڊوومينٽ فنڊ ۾ رکو. ان جي منافعي واري رقم مزدورن جي اولاد جي پڙهائي تي خرچ ڪئي وڃي. ان تي سعيد غني چيو ته مان هتي ها نٿو ڪري سگهان، ان لاءِ ميٽنگ ڪرائڻي پوندي ان ۾ فيصلي بعد ٻڌائي سگهندس. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته هتي اچي آفيسر غلط بياني ڪن پيا ان صورتحال ۾ تڪليف ٿيندي آهي وزير صاحب اوهان پڪ ڏياريو ته مزدورن جي پگهر جا پيل 6 ارب مان صرف 2 ارب جو انڊومينٽ فنڊ ٺاهيو وڃي نه ته هو ان بابت آرڊر پاس ڪن پيا جنهن بعد سعيد ڪم جي خاطري بعد عدالت آءِ بي اي ۽ ٻين معياري تعليمي ادارن ۾ مزدورن جي ٻارڙن کي اسڪالرشپ تي پڙهائڻ لاءِ 2 ارب انڊومينٽ فنڊ رکڻ ۽ مزدورن جي رجسٽريشن ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.