سنڌ ۾ لڳاتار گجگوڙ سان جاري برسات شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

0
328
سنڌ ۾ لڳاتار گجگوڙ

ڪراچي: سنڌ ۾ لڳاتار گجگوڙ سان جاري برسات شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آھن، رستا ۽ گهٽيون پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آھن، حيدرآباد جا هيٺانهين وارا علائقا ڍَنڍُن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن ، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ پاڻي بيٺل، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن

سکر جي گهنٽا گهر، وڪٽوريا مارڪيٽ ۽ ٻيون بازارون پاڻي هيٺ اچي ويون آھن، رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي نالا اُبتا وهڻ لڳا آھن

نوشهرو فيروز، ٺارو شاهه، ڀريا روڊ، محرابپور ۽ ڀريا سٽي ۾ ٿاڻي سوڌو سرڪاري آفيسز توڙي گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي

ڪنڊيارو جي بازارن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، دڪاندار پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ لڳا آھن

 لاڙڪاڻو، رتوديرو، نئون ديرو ۽ ڀرپاسي رستا توڙي گهٽيون تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، دادو ۾ زوردار وسڪارن دوران مُک رستا ۽ بازارون پاڻي هيٺ اچي ويو

گهرن ۽ آفيسن اڳيان پاڻي بيهجي ويو، شهدادڪوٽ، وارهه، دوڙ، کڏڙو، ڪرونڊي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ به برسات جا راڱا ٿيا آھن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، مختلف واقعن ۾ ٻارن سوڌو 15 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي