سنڌ ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت

0
309
سنڌ ۾ غذائيت جي کوٽ
سنڌ ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن سميت وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن
ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ ۾ ٻوڏ متاثر ٻن ورهين جي ٻارڙي سائرا کوسو ڊينگي وگهي فوت ٿي وئي، وارثن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو

ڪڙيو گهنور جي ٻڏي ويل ڳوٺ غلام محمد چانڊيو جي رهواسڻ مريم چانڊيو گيسٽرو وگهي دم ڏنو
ڦلجي اسٽيشن جي رليف ڪئمپ ۾ اڌڙوٽ ڳوٺاڻو مزن چانڊيو گيسٽرو سبب حياتي وڃائي ويٺو
ميهڙ جي ٻوڏ سٽيل علائقي فريد آباد ۾ ايم اين وي بند وٽ ترسيل نوجوان علي نواز چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، ڳوٺ راوت کيڙو واسي 8 ورهين جو نورنبي کيڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته جيڪب آباد جي دوداپور واري علائقي ۾ٻارڙِي ماهنور ۽ پيرسن علڻ لُهر به گيسٽرو سبب فوت ٿيا
خيرپور ۾ گيسٽرو ٻار سميت ٻن ڄڻن کان زندگي کسي ورتي، صالح پٽ ۽ ڀرپاسي گيسٽرو وگهي نينگري ۽ ناري زندگي جي جنگ هارائي ويا، فوتين ۾ 7 ورهين جي فردوس ۽ 22 ورهين جي رفيقان شامل آهن

ھي به پڙھندا

ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر ٻن عورتن پاران مدد نه ٿيڻ تي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ، جهانگارا باجارا شهرن جو زميني رابطو بحال

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب تباهي جا انگ اکر جاري