اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ عيد بعد سياسي ميدان سجندو، وزيراعظم جا جلسا ٿيندا، پ پ مخالفن سان رابطن جو فيصلو، ٽاسڪ گورنر ۽ حليم عادل حوالي، ڪيترن ئي اهم شخصيتن پاران پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان طرفان آگسٽ مهيني دوران سنڌ ۾ سياسي دورا ۽ جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي اهم شخصيتن طرفان جلسن دوران پي ٽي آءِ ۾ باضابطا طور شامل ٿيڻ جا امڪان آهن، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسٽريٽيجڪ ڪاميٽي جَي اجلاس جِي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وفاقي منصوبن اڳيان رنڊڪن حوالي سان عيد کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا، سنڌ ۾ پ پ مخالفت قوتن سان ملاقاتون ۽ هٿ ملائڻ پلان جو حصو آهن، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي حوالي سان عيد کان پوءِ هڪ ٻيو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ سنڌ پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اسٽريٽجڪ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ايڊوائزري ڪاميٽي جو نالو به فائنل ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا ڪرپشن ۾ ملوث يا سياسي هٿيار طور استعمال ٿيندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائين تي به صلاح مشورا ڪيا  ويندا. وزيراعظم عمران خان سان گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ حليم عادل شيخ به ملاقات ڪئي، ذريعن موجب وزيراعظم کي شڪايت ڪندي حليم عادل چيو ته سنڌ جي ڪامورا شاهي پ پ جي بي ٽيم بڻيل آهي، اپوزيشن اڳواڻن جي آءِ جي توڙي چيف سيڪريٽري ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري تبديل ڪيا وڃن، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ڪامورن کي پڻ تنبيهه ڪئي وڃي ته اهي سنڌ حڪومت جا غيرقانوني حڪم نه مڃين، اجلاس ۾ شريڪ علي زيدي جو چوڻ هو ته مون تازو لاڙ جو دورو ڪيو آهي، صوبي ۾ تمام گهڻي غربت آهي، ماڻهو پي ٽي آءِ ڏانهن واجهائي رهيا آهن، سنڌ جي غربت سٽيل ضلعن ۾ احساس پروگرام کي هٿي ڏيڻ سان انصاف هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪيا وڃن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آگسٽ مهيني کان وزيراعظم سنڌ جي مختلف ضلعن جا دورا ڪندو انهي موقعي تي مختلف سياسي شخصيتن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪنديون انهي حوالي سان سياسي شخصيتن سان رابطن لاءِ گورنر ۽ حليم عادل کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.