ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي سنڌ پاران ڊينگي ڪيسن جا سمورين ليبارٽرين ۽ اسپتالن مان ڊيٽا هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ پورٽل قائم ڪيو ويو آهي،  صوبي جي سمورين خانگي ۽ سرڪاري ليبارٽرين کي پابند ڪيو ويو آهي ته ڊينگي ڪيسن جا تفصيل پورٽل تي رکيا وڃن جيئن ڊينگي ڪيسن جو مڪمل انگ معلوم ڪري سگهجي.