سنڌ ۾ صحت ايمرجنسي وارا اپاءَ نظر نھ ٿا اچن

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ جنگي صورتحال کان بھ حالتون وڌيڪ خراب ٿي رھيون آھن،پر سرڪار روايتي سستي واري انداز کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناھي،مڃون ٿا تھ حالتون اھڙيون آھن جن کي  شايد سرڪار جي اڪيلي سر منھن ڏيڻ جي وس جي ڳالھھ نھ ھجي پر وفاقي حڪومت،وفاقي ادارن،عالمي برادري ۽ ٻين عالمي ادارن کي انھي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاھھ ڪرڻ بھ تھ آخر سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار جو ڪم آھي،صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ھڪٻئي جون اتحادي بھ آھن تنھن ڪري انھن کي اڃا بھ وڌيڪ بھتر حڪمت عملي يا رابطا ڪاري ذريعي سنڌ کي ھن صورتحال مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ گھرجن.پر لڳي ٿو ٻنھي حڪومتن ۾ اھا رابطا ڪاري ھنگامي حالتن واري نھ پر روايتي آھي جنھن ڪري رليف کان وٺي ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۾ اھا اڳڀرائي نظر نھ پئي اچي جيڪا ڪرڻ گھرجي. ٻن ڏينھن جا انگ اکر آھن تھ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر  50 کان مٿي ماڻھو پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن جن ۾ اڪثر ڪري گيسٽرو جا مريض شامل آھن ۽ انھن ۾ بھ ٻارڙن جو تعداد وڌيڪ آھي جڏھن تھ  ڊينگي ۽ مليريا بھ  پکڙجي ماڻھن جون حياتيون کائڻ لڳي  آھي ۽ ٽي ھزار کان وڌيڪ ڊينگي ۽ مليريا  جا ڪيس ظاھر ٿيا آھن  ۽ٻھ ماڻھو  ھڪڙي ڏينھن ۾ فوت ٿي ويا آھن  جيڪي ڪراچي ۾ فوت ٿيا آھن ۽ انھن جو ٻوڏ متاثر علائقن سان تعلق ناھي.جنھن جو مطلب اھي بيماريون  اتي بھ پکڙجي رھيون آھن جيڪي ٻوڏ کان متاثر نھ ٿيا آھن،اھا خطرناڪ صورتحال آھي تھ ھڪ طرف ماڻھو ٻوڏ کي منھن ڏئي رھيا آھن تھ ٻئي طرف صحت جي ايمرجنسي واري صورتحال پيدا ٿي رھي آھي.

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جيڪو مالي نقصان ڪيو آھي ان جو تھ ڪاٿو ئي نھ ٿو لڳائي سگھجي پر ھاڻي اھو نقصان  جاني نقصان ۾ تبديل ٿي رھيو آھي جيڪا وڌيڪ ڊيڄاريندڙ ڳالھھ آھي. ٻن ڏينھن جي خبرن مطابق 50 کان وڌيڪ ماڻھو پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن ۽ بيماريون کنڀين وانگر ڦٽي رھيون آھن جيڪي خاص ڪري ٻارڙن، ڪمزور پيرسنن ۽ عورتن کي پنھنجو شڪار بڻائي رھيون آھن،جڏھن تھ ٻوڏ سٽيل علائقن مان ھاڻي تھ اھي خبرون بھ اچي رھيون آھن تھ  پنھنجي گھرن ۽ ان ۾ رکيل سامان جي حفاظت لاءِ ويٺل ماڻھو بک ۾ مرڻ شروع ٿيا آھن ٻھ ڏينھن اڳ ڪي اين شاھھ مان فوت ٿيل ھمراھھ جو لاش ھٿ آيو ۽ اڄ ھڪ لاش ٻئي ھنڌان مليو  آھي .اھا صورتحال تھ جنگي حالتن ۾ بھ گھٽ نظر ايندي آھي پر سنڌ ھن وقت انھي جنگي حالتن کان بھ وڌيڪ خراب صورتحال کي منھن ڏئي رھي آھي .انھي خطري جو اڳ ئي اظھار ڪيو پئي ويو تھ ٻوڏ کان وڌيڪ جاني نقصان بيمارين جي پکڙجڻ ڪري ٿي سگھي ٿو جنھن ڪري صوبي ۾ ھيلٿ ايمرجنسي واري صورتحال ٿي سگھي ٿي پر ڪٿي بھ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جون ٽيمون انھي ايمرجنسي جي بنيادن تي ڪم ڪندي نظر نھ آيون اڃا تائين بھ رڳو ڪجھھ شھري علائقن تائين ڪي ڪيمپون قائم آھن جڏھن تھ اصل بندن روڊن تي ويٺل انھن ٻوڏ متاثرن کي ڪي بھ سھولتون نھ پيون ملن جنھن ڪري صورتحال ڏينھون ڏينھن وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي ۽ ماڻھن جي مرڻ جو انگ وڌي رھيو آھي.

اسان سمجھون ٿا تھ سنڌ سرڪار کي ھن وقت ٻن ڳالھين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي،ھڪ تھ متاثرن کي راشن پھچائڻ جي ڪوشش ڪجي پر ان کان بھ وڌيڪ صحت جي سھولتن جو بندوبست ڪرڻ آھي ڇاڪاڻ تھ راشن جو ڪم تھ سرندي وارا، سياسي سماجي ڌريون بھ ڪري رھيون آھن پر  ميڊيڪل اھڙو معاملو آھي جيڪو رڳو سرڪار  عالمي ادارن سان گڏجي ان کي منھن ڏئي سگھي ٿي، اھو نھ ڪنھن سياسي ڌر جي وس ۾ آھي نھ ئي ڪي سرندي وارا اھو ڪم ڪري سگھن ٿا،تنھن ڪري سرڪار کي صحت جي معاملي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي وڌ ۾ وڌ  انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ گھرجن.