لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ستين مردم شماري ۾ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ رکندڙ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڳڻپ ۾ شمار ڪري غيرقانوني پرڏيهين کي الڳ خاني ۾ رکيو وڃي ۽ ووٽ جو حق صرف انهن کي حاصل آهي جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي پي ٽي آءِ جي لاڙڪاڻي سٽي جي اطلاعات سيڪريٽري عبدالرزاق ڏيرو جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي ڪندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته پاڪستان جو شناختي ڪارڊ رکندڙ جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا انهن سڀني کي سنڌ ۾ ئي ڳڻيو وڃي چاهي هڪ ڪلاڪ جو پيدا ٿيل نئون ٻار ئي ڇو نه هجي ان کي به سنڌ ۾ ڳڻيو وڃي پر ووٽ جو حق شناختي ڪارڊ ۾ موجود مستقل يا عارضي ايڊريس تي استعمال ڪرڻ جا آپشن هجڻ گهرجن. هن چيو ته گذريل مردم شماري ۾ ووٽ جو حق مستقل ايڊريس تي شمار ٿيڻ سان سنڌ جي آبادي گهٽ ڳڻي وئي جنهن ڪري سنڌ جو اين ايف سي ۾ حصو گهٽ ٿيو ان ڪري جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا انهن سڀني کي ڳڻيو وڃي. هن چيو ته ٻين صوبن جا ماڻهو جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ موجود آهي اهي پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ اچي وڃي سگهن ٿا ۽ رهائش به اختيار ڪري سگهن ٿا ۽ هو پاڪستاني آهن ان لاءِ سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جا ماڻهو جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ آهي ۽ هو سنڌ ۾ رهن ٿا ته انهن کي به آدمشماري ۾ سنڌ ۾ ئي ڳڻيو وڃي. هن چيو ته جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ ناهي چاهي هو برمي هجن يا ٻيا ڪير به هجن اهي غيرقانوني پرڏيهي آهن ان لاءِ آدمشماري ۾ غيرقانوني پرڏيهين جو الڳ خانو رکي انهن کي الڳ خاني ۾ ڳڻيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ بلدياتي چونڊن جا ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ سان اقتدار جي هيٺين سطح تي منتقلي ٿي ويندي. هن چيو ته تڪبنديون ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته پوءِ تڪبندين بابت پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو ڪهڙو قصور آهي؟ هن چيو ته تڪبنديون نومبر 2021ع ۾ شروع ٿيون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران انهن تي اعتراض مارچ 2022ع ۾ دير سان داخل ڪيا ويا ۽ عدالت به ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي درخواستن کي ٻه دفعا رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته جڏهن تڪبنديون ٿي رهيون هيون ته ان وقت ٻهراڙي واري علائقن جي يوسيز جي آباديءَ 15 هزارن کان 25 هزار تائين ڪئي وئي هئي ۽ شهري علائقن جي يوسيز جي آبادي 30 هزار کان 70 هزار ڪئي وئي هئي جنهن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي اعتراض هيو ته کين ان وقت اعتراض ڪرڻ گهرجن ها جڏهن اليڪشن ڪميشن اعتراضن جي تاريخ رکي هئي پر ايم ڪيو ايم اعتراض واريون تاريخون گذرڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو دير سان اعتراض داخل ڪيا جن کي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت به رد ڪيو. هن چيو ته نيون تڪبنديون فوري طور ان لاءِ به نه ٿيون ٿي سگهن ڇاڪاڻ ته چئن ڊويزنن جي پهرين مرحلي جون چونڊون ان ئي تڪبندين تي ٿي چڪيون آهن ان لاءِ اليڪشن ڪميشن لاءِ به اِهو ڪيئن ممڪن هوندو ته پهرين مرحلي جون چونڊون انهن تڪبندين تي ڪرائڻ کان پوءِ ٻئي مرحلي جون چونڊون نين تڪبندين تي ڪرايون وڃن ان لاءِ شايد سندن درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو چيو ته بلدياتي چونڊون جماعتي بنيادن تي ٿي رهيون آهن ۽ هر سياسي جماعت جي عوام ۾ مقبوليت آهي ته پوءِ تڪ ننڍو هجي يا وڏو ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ نوان صوبا ٺاهڻ بابت وفاق کي ڪو به اختيار ناهي ڏنو ۽ نوان صوبا ٺاهڻ پيپلز پارٽي جي منشور ۾ ناهي ۽ اسان جو واضع موقف آهي ته سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو ۽ آئين طور تي به آئين ۾ ترميم کان علاوه نوان صوبا نه ٿا ٺهي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته اثاثن وارو ڪيس صرف الزام هو ۽ اهڙي الزام جو آئيني ۽ قانوني طور دفاع ڪيو ۽ عدالت مان سرخرو ٿيو آهيان ۽ عدالت جي ان فيصلي سان سچ جي فتح ٿي آهي.