سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڍائي مھينن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو

0
229
سنڌ ۾ سي اين جي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) حڪومت پاڪستان پاران منظور ڪيل گيس لوڊ مئنيجمينٽ جي ترجيحي آرڊر موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي سمورن سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت انهن کي پهرين ڊسمبر 2021ع کان 15 فيبروري 2022ع تائين گئس جي فراهمي بند رهندي

ياد رهي ته سياري ۾ گهرج وڌيڪ هجڻ سبب 3 ڏينهن اڳ نان ايڪسپورٽ انڊسٽريز جي سمورن ڪيپيٽو پاور پلانٽس کي گئس جي فراهمي ايندڙ حڪمن تائين بند ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سڀني عام صنعتن زيرو  ريٽڊ ايڪسپورٽ صنعتن سميت ان جي ڪيپٽيو پاور پلانٽس ۽ ڀاڻ واري شعبي کي گئس جي فراهمي جاري رهندي

انهن انتظامن مان پيدا ٿيندڙ گئس گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي سياري جي موسم ۾ پنهنجي وڌندڙ گئس جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن

ياد رهي ته بلوچستان ۾ انساني جانين جي بقا لاءِ اضافي گيس جي فراهمي ضروري آهي ڇو ته گئس انهن ماڻهن لاءِ لائف لائن جو ڪم ڪندي آهي، جن کي انتهائي گهٽ گرمي پد تي مختلف گئس جي شين ذريعي پاڻ کي گرم رکڻ جي اشد ضرورت هوندي آهي

سوئي سدرن گيس ڪمپني هن مامري تي اميد رکي ٿي ته سي اين جي سيڪٽر گهريلو صارفين کي گيس جي بغير ڪنهن وقفي جي فراهمي لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو

سي اين جي ائسوسيئيشن گئس جي بندش واري ايس ايس جي سي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آھي، ائسوسيئيشن جي اڳواڻ ذوالفقار يوسفاڻي ۽ پرشوتم لعل ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ سي اين جي اسٽيشنز کُليل آهن، رڳو سنڌ ۽ بلوچستان سان مَتڀِيد واري رويي تحت گئس جي بندش ڪئي پئي وڃي

توانائي جي وزير امتياز شيخ ايس ايس جي سي جَي فيصلي جِي مذمت ڪندي چيو آهي ته تبديلي سرڪار گهرن جا چُلها ٿڌا ڪرڻ بعد صنعتن جو به ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو آھي

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز لاءِ گئس جي بندش سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، پي ٽي آءِ سرڪار سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس کان محروم ڪري ڇڏيو، سنڌ کي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت منصفاڻي طريقي سان گئس فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ گئس جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، شهري پريشانين جو شڪار