ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن کي مسواڙ تي دڪان ڏيندڙ مالڪن کي شوڪاز جاري ڪرڻ بعد ڪارروائي جو فيصلو، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي پاران صوبي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن جي پاڻمرادو ڪيل سروي رپورٽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن حوالي، پي ايم اي پاران هيلٿ ڪيئر ڪميشن حوالي ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ 4 لک 25 هزار عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون هلي رهيون آهن، 2014ع کانپوءِ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ 2 لک تائين اضافو ٿيو آهي. عطائين خلاف سگھارو آپريشن نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايڊز، هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦلهجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف سگھارو آپريشن نه ٿيڻ جي ڪري صوبي ۾ ايڊز جو هڪ ڀيرو ٻيهرو خطرناڪ ڦهلاءُ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ( پي ايم اي ) پاران صوبي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عطائي ڊاڪٽرن بابت پاڻمرادو ڪيل سروي مڪمل ڪري رپورٽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سال 2014ع ۾ سنڌ ۾ عطائين وارو انگ 2 لک هو جيڪو 6 سالن تائين 4 لک 25 هزار تائين پهچي ويو آهي، 80 هزار کان مٿي عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون ڪراچي ۾ هلندڙ آهن، جتي بغير ڊگري يافته ڊاڪٽر اسپتالون ۽ ڪلينڪس هلائي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ ٻين ڊويزنن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن جو اسپتالون هلي رهيون آهن. پي ايم اي پاران هيلٿ ڪيئر ڪميشن حوالي ڪيل رپورٽ ۾ اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن تڪڙي بنيادن تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف سگھارو آپريشن نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ خاص طور تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ ايڊز سميت هيپاٽائيٽس سميت ٻيون وچڙندڙ بيمارين جو سنگين معاملو سامهون اچي سگھي ٿو. رپورٽ ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي تجويزون ڏنيون ويون آهن پر عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن ڪرڻ پي ايم اي جي ضلعي برانچن سان گڏجي عطائي ڊاڪٽرن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي. جنهن بعد سندن خلاف ويجھن ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن. ٻئي پاسي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران صوبي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ عطائين کي مسواڙ تي اسپتالون ڏيندڙ مالڪن کي اخبارن وسيلي شوڪاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته مسواڙي مالڪن دڪان خالي نه ڪيا ته انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.