ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گھروکاتي  صوبي ۾ ڪاروباري مرڪز رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ بابت  وضاحتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي اندر سموريون مارڪيٽون، بازارون، دڪان (هول سيلر يا ريٽيلر) سپر اسٽور ۽ شاپنگ مال رات جو 9 وڳي بند ٿيندا. نوٽيفڪيشن موجب ميڊيڪل اسٽور، فارميسيز، اسپتالون،  ڪلينڪس، ليبارٽريز، پيٽرول پمپس، سي اين جي اسٽيشنون، بيڪريز، کير جا دڪان، آءِ ٽي ۽ سافٽ ويئر سان لاڳاپيل آفيسون، ڪال سينٽر، ڪوريئر سروسز، ڪمرشل ايمبولنسز سروسز، پنڪچر جا دڪان، بس اڏا ۽ سبزي منڊيون پابندي کان آجا هوندا