ڪراچي: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اختيارين پاران صحت جون سهولتون ڏيندڙ خانگي اسپتالن، ڪلينڪس ۽ حڪيمن جي سروي ڪرائڻ جي سفارش، اختيارين سنڌ سرڪار کي تجويزون ڏنيون آهن ته صوبي ۾ قانوني ۽ غيرقانوني طور تي هلندڙ صحت مرڪزن، عطائي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي ڪلينڪس کي ٽن ڪيٽيگيرين ۾ شامل ڪيو وڃي، ان حوالي سان سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اختيارين پاران سنڌ حڪومت جي صحت کاتي کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته عطائي ڊاڪٽرن جي روڪٿام ۽ صوبي جي خانگي اسپتالن ۾ عوام کي ملندڙ صحت جي سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سروي ڪرائي وڃي، ان سروي ۾ سمورين ننڍين وڏين اسپتالن ۽ حڪيمن جي علاج گھرن کي شامل ڪري انهن ۾ موجود سهوليتن، بسترن، سرجيڪل سامانن توڙي ٻين علاج واري اوزارن جا به تفصيل شامل ڪيا وڃن، جنهن بعد عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل ڪرڻ ۾ آساني ملندي ۽ خانگي اسپتالن ۾ عوام کي ملندڙ سهوليتن بابت به اندازو لڳائي سگھبو.





























