ڪراچي: ( بيورو رپورٽ ) سنڌ ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي صبح ڇهين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين سمورا ڪاروباري مرڪز کليل رهندا، دڪاندارن ۽ شهرين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي وئي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته آچر کان سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويندا، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، اميد ته عوام ۽ دڪاندار ايس او پيز تي عمل ڪندا