سنڌ ۾ جاري برسات سبب ڪھڙي شھر ۾ ڪيترو نقصان ٿيو؟

0
409

حيدرآباد ڊويزن ۾ گجگوڙ سان برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي، حيدرآباد شهر ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،  رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب عام زندگي متاثر، قبرستان به برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا

دادو، جوهي ۽ ڪي اين شاهه ۾ رستا ۽ گهٽيون تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويا، برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب شهري پريشان، نيو سعيد آباد ۾ تيز برسات دوران 30 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي وياسنڌ ۾ وقفي وقفي سان

ٽنڊو ڄام ۾ گهيري هيٺ آيل ڳوٺ صالح دل ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل، مٽياري ۽ هالا ۾ گجگوڙ سان برسات دوران رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، گهرن، سرڪاري عمارتن ۽ مسجدن ۾ به پاڻي بيٺل آھي

ھي به پڙھندا

سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

سيوهڻ ۾ جابلو پٽي کان ايندڙ نئين جي پاڻي لال باغ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، مانجهند ۾ رستا ٻڏي وڃڻ سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھي

ملڪاڻي ۾ برساتي پاڻي فصل ٻوڙي ڇڏيا آھي، 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھن، شھري پريشانين ۾ وٺجي ويا، واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي

ٽنڊو باگو شهر  ۾ تيز وسڪاري سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال، گهرن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پاڻي بيٺل، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي ڪڍڻ لڳا

ميرپورخاص ۾ برسات جي صورتحال

سنڌ ۾ چوماسي جي

ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي وسڪاري سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال، عمرڪوٽ ۾ لڳاتار جاري تيز برسات راڱا ڪري ڇڏيا، گهر، سرڪاري عمارتون، اسپتالون ۽ تعليمي ادارا پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آھن

 ڪُنري ۾ برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال آھي، رستا ۽ گهٽيون پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ تبديل، مارڪيٽس ۽ گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو

ڇاڇرو ۽ چيلهار ۾ گجگوڙ وسڪاري سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، بازارن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن

سکر ۽ بينظيرآباد ڊويزن ۾ برسات جي تباھي

سنڌ جي مختلف شھرن ۾
=

سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهوٽڪي، پنو عاقل، روهڙي ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز وسڪارو، نوشهروفيروز، ڀريا سٽي، ڪنڊيارو ۽ ٺارو شاهه ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو

سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊو آدم، سنجهورو، کپرو ۽ ڀرپاسي وسڪارو، نواب شاهه، قاضي احمد، دولتپور، درياءَ خان مري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات سبب عام زندگي متاثر، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي

لاڙڪاڻي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا

لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا، لاڙڪاڻو شهر جي رستن، گهٽين، پاڙن ۽ بازارن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، عام زندگي شديد متاثر ٿي رھي آھي

قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾گجگوڙ سان وسڪاري دوران ڪچاگهر ڊهي پيا، رستا ۽ گهٽيون پاڻي جي تلاءُ ۾ تبديل، ڪشمور، ميرو خان ۽ مبارڪپور ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪو وسڪارو جاري آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ڪار برساتي وھڪري ۾ لڙھي وئي، زال مڙس ۽ 4 ٻارن سوڌو 7 ڄڻا گم

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي