سنڌ ۾ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ “آئيس” جو نشو

0
201

 سموري ملڪ اندر هيروئن، چرس، آفيم، شراب، ڀنگ، ڪوڪين، نشي آور گوريون، ۽ سوين سميت مختلف نشن جي استعمال سبب ڪيترن ئي مرد توڙي عورتن جو موت پِڻ ٿي چُڪو آهي ۽ هزارن جي تعداد ماڻهو اهڙن نشي جي عادتن ۾ ورتل آهن، جئين جئين دنيا جدت ۽ ترقيءَ طرف وڃي ٿي تئين تئين منشيات نشي آور شين ۾ بہ هڪ نِت نيون شيون شڪل اختيار ڪري رهيون آهن. اهڙو ئي هڪ نئون نشو جنهن کي منشيات جي دنيا ۾ “آئيس” جو نشو چيو وڃي ٿو، جنهن کي ڪجھ سال ئي اڳ مارڪيٽ ۾ متعارف ڪيو ويو آهي. موجوده دور ۾ هي نشو انتهائي تيزي ساڻ نوجوانن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي رپورٽن موجب هن نشي ۾ نوجوان ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون پڻ تيزي سان هن جون عادي ٿي رهيون آهن، هڪ اندازي موجب يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ تعليم پرائيندڙ نوجوان شاگرد ۽ سٺن گهراڻن سان واسطو رکندڙ نوجوان هن طرف مائل ٿي رهيا آهن. “آئيس” ميٿ ايمفٽامين نالي هڪ ڪيميڪل مان ٺهندو آهي جنهن کي ٻين نالن جهڙوڪ ميٿ، گلاس ۽ ڪِرسٽل ميٿ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو آهي، هي کنڊ ۽ لوڻ جي داڻن جيئان اڇي رنگ ۾ ڪرسٽل پائوڊر جي شڪل وانگي ٿيندو آهي، هن کي سنهڙي شيشي مٿان رکي هيٺان باھ ڏيئي گرم ڪيو ويندو آهي. ماهرين موجب ان جو آسان استعمال بلب جي شيشي ۾ ٿيندو آهي. ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي تہ هي عام نشن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن حد تائين هڪ نئون نشو آهي. ظاهري ڏسڻ سان لڳندو بہ نہ تہ هي ڪا منشيات آهي، هن ۾ شراب توڙي چرس وانگي ڪنهن قسم جي ڪا بدبوءِ بہ نہ ٿيندي آهي، جڏهن ماڻهو هن جو مڪمل عادي ٿي ويندو آهي تہ پوءِ هن جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن، جئين آئيس پئيندڙ جون اکيون (تارا) ٻاهر نڪري ايندا، منهن سُڪل، تمام گهڻو پگهر اچڻ، دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ، بلڊ پريشر هاءِ رهڻ، سهڪو رهڻ ۽ بُک جو نه لڳڻ، ننڊ نہ اچڻ، هن جون وڏيون نشانيون آهن، آئيس جي مسلسل واپرائڻ سان اهو ماڻهو سدائين پريشان ڪاوڙ ۽ طبيعت مزاج ۾ هڪ نہ رهندو آهي ۽ هو پنهجي اندر منجھ خود اعتماد بڻجي ويندو آهي ۽ ڪجھ بہ ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. ڪوئي خوف توڙي خطرو محسوس نہ ڪندو آهي.  ڪجهه عرصو اڳ لاهور ۾ آئيس واپرائيندڙ هڪ شخص نالي عابد حسين فائرنگ ڪري پنهجي 6 گهر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو ٻه پاڙيسري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.

خطرناڪ نشو آئيس سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ وڏي پئماني تي وڪرو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر هي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. قمبر -شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر وڳڻ، لعلو رائنڪ، وارھ، پکو ۽ نصيرآباد ۾ هن جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. لعلو رائنڪ ۾ هڪ اندازي موجب ٽي سئو کان مٿي نوجوان هن جا عادي بڻجي چڪا آهن. گذريل ڪجھ ڏينهن کان آئيس جي سرعام وِڪري خلاف لعلو رائنڪ جا ساڃهه وند شهري، صحافي توڙي سياسي سماجي ڌريون احتجاج سان گڏ علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهن پر ايس ايس پي قمبر- شهدادڪوٽ سميت ڪو به پوليس عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. لعلو رائنڪ سميت ضلعي جو سمورو عوام چاهي ٿو ته آئيس جو ڪاروبار مڪمل طور تي بند ٿيڻ گهرجي پر اهو اهڙو ڪڌو ڪاروبار جيڪو اسانجي نوجوانن جو مستقبل ۽ حياتيون ڳڙڪائي ٿو، اهو بند ڪير ڪرائيندو؟ هي هڪ وڏو سوال ۽ چئلينج پڻ آهي.