سکر (بيورو رپورٽ) عدالت سنڌ ۾ ڪنهن به تعليمي اداري جي دروازي تي ڌرڻو نه هڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ”تعليم تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي،“ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بينچ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ڊبل بينچ گهوٽڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ملازمن ۽ ڪاليج انتظاميا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪاليج جي جبري بندش تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪنهن به تعليمي اداري جي دروازي تي ڌرڻو نه هڻڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته تعليم تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي، ڪو به تعليمي ادارو بند ڪرڻ يا تعليم متاثر ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، ڪنهن کي به شاگردن جو مستقبل تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، نوجوان نسل اسان جو مستقبل آهي، ڪنهن ملازم کي برطرف ڪرڻ جو ڪيس هجي ته قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي سکر ،تعليم کاتي جا آفيسر ۽ لاڳاپيل ڌريون جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت لاڳاپيل اختيارين کي عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. واضح رھي ته گھوٽڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ملازمن طرفان برطرفين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري مين گيٽ کي بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ھو، ڪاليج کي تالا ھڻي بند ڪرڻ خلاف متاثر شاگردن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ھئي، جن سان ثبوت طور تصويرون به پيش ڪيون ويون هيون، ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪاليج کي کولڻ سان گڏ اداري کي بند ڪندڙن خلاف پڻ ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو.