ڊيووس (پڌرائي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ هلندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪئي، جتي ڪراچي ڪائونسل آف فارين رليشنز ۽ سوئز ايشيا چيمبر آف ڪامرس پاڪستان پويلين قائم ڪيو ويو آهي، پاڪستان پويلين پاران سنڌ حڪومت جو اسٽال پڻ لڳايو ويو آهي، اسٽال ۾ سيڙپڪارن کي سنڌ اندر سيڙپڪاري جي موقعن بابت ڄاڻ ڏني وئي. ان موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزير  مراد شاهه چيو ته سنڌ ۾ بين الاقوامي سيڙپڪاري جا بهتر موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن سيڙپڪارن جو سنڌ ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته ڪراچي دنيا جو ستون وڏو شهر آهي، جيڪو بهترين بندرگاهه پڻ آهي، جتي صنعتڪارن کي خام مال درآمد ۽ برآمد ڪرڻ لاءِ بهتر سهولتون موجود آهن.