سنڌ ۾ برسات: 4 ڄڻا فوت: سوين ڍور مري ويا

0
216
سنڌ ۾ برسات: 4 ڄڻا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان جاري برسات راڱا ڪري ڇڏيا آهن، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڍور پڻ مري ويا آهن

وڳڻ ويجهو ڳوٺ وڪا موري وٽ وڻ هيٺان ويٺل ڳوٺاڻن مٿان وِڄ ڪري پئي، ٻن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا

 فوتين ۾ امين، سندس ڀاءُ محمد خان ۽ اسحاق وڪو شامل آهن، جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا وياسنڌ جي مختلف علائقن

ڏاهلي جي ڳوٺ نيٻلو ۾ وٿاڻ تي وڄ ڪرڻ سبب  7ٻڪريون مري ويون، جڏهن ته شهداد ڪوٽ ۾ گجگوڙ سان برسات دوران 2 گهر ڊهي پيا

ڀان سيد آباد ڀرسان منڇر ڍنڍ جي بند تي برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب نوجوان سائينداد شيخ دٻجي فوت ٿي ويو

واضح رهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص سميت مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهيسنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته

لاڙڪاڻو،ڏوڪري، نئون ديرو، رتوديرو، مديجي، صالح پٽ، روهڙي ۽ ڪنڌرا، ڪنڊيارو، محرابپور، خانواهڻ ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات ٿي رهي آهي

برسات سبب رستا ۽ گهٽيون تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جڏهن ته  گهرن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پاڻي بيهي ويو، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول آهي

ھي به پڙھندا

سيوهڻ ڀرسان ڊلهه ڊيم ٽٽي پيو: ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ

سنڌ ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات، ڪاڇي ۾ تباھي