ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ سرڪار پاران برساتن سبب شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ نقصان جي تصديق، کجي جو تيار فصل تباهه ٿي ويو، آبادگارن ۽ هارين کي اربين رپين جو نقصان  پهتو، روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا، صوبائي ڪابينا وفاقي حڪومت کان فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کان برسات سبب ٿيل نقصانن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪابينا پاران تحويل ۾ ورتل اسڪولن ۽ مدرسن سوڌو 53 تعليمي ادارن کي هلائڻ لاءِ مينيجمينٽ بورڊ ٺاهڻ جي منظوري، بجلي کان محروم ڳوٺن جي سولرائيزيشن جي به منظوري، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ ذريعي  پيپلز بس جي 7 روٽن ۾ ايندڙ رستن جي  مرمتي ڪم لاءِ 1.5 ارب رپين جي به منظوري ڏني وئي، ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (فنڪشنز) رولز 2022 جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تيز برساتن صوبي جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته خيرپور ۾ برساتن سبب  کجيءَ جو  تيار ٿيل  فصل تباهه ٿيڻ ڪري  آبادگارن ۽ هارين کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. هن صوبي ۾ خريف جي فصلن کي پهتل نقصان جو معاملو پڻ اٿاريو. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي برساتن دوران  ٿيل جاني نقصان، ڪچن ۽ پڪن گهرن، روڊن ، نيڪال جي نظام سميت سمورن نقصانن جو جائزو وٺن ته جيئن معاوضي لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري سگهجي،  هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت به پنهنجن وسيلن مان متاثر ماڻهن جي مدد ڪندي. ڪابينا ايف اي ٽي ايف جي شرطن جي پورائي لاءِ  تحويل ۾ ورتل 31 اسڪولن ۽ 22 مدرسن (53 تعليمي ادارن) کي هلائڻ لاءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي سربراهي ۾ 7 رڪني مينيجمينٽ بورڊ ٺاهڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  ڪراچي ۾ پيپلز بس جي 7 روٽن تي روڊن ۽ نيڪال جي سسٽم  جي حالت خراب آهي، جنهن تي  وزيراعليٰ ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ کي مرمتي ڪم جي هدايت ڪندي 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا پرڳڻي جي بجلي کان محروم ڳوٺن کي سولر سسٽم (سولر پي وي ٽيڪنالاجي) فراهم ڪرڻ لاءِ توانائي کاتي جي تجويز جي منظوري ڏني. توانائي واري وزير امتياز شيخ  ٻڌايو ته ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ مني/مائڪرو گرڊ ۽ سولر هوم سسٽم لڳايو ويندو، ڪابينا هڪ اين جي اوکي نيوروسائڪاٽرڪ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڪونڪر ۾ 65 لک رپيا في ايڪڙ جي حساب سان  10 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (فنڪشنز) رولز 2022 ع جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.