سنڌ ۾ برسات بعد گئسٽرو ۽ ڊينگي سوڌو ٻيون بيماريون تيزي سان وڌڻ لڳيون

0
214
سنڌ ۾ برسات بعد گئسٽرو

ڪراچي: سنڌ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گئسٽرو ۽ ڊينگي سوڌو ٻيون بيماريون تيزي سان وڌڻ لڳيون آھن، جوهي ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ سِم ۾ نينگري گلستان چانڊيو گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺي

 وڌيڪ 7 ٻارڙا اسپتال ڀيڙا ڪيا ويا، خيرپور ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 78 ٻارڙا گئسٽرو ۾ وٺجي ويا آھن

گيسٽرو جا ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاهر ٿيڻ باوجود صحت کاتو اگهور ننڊ سُتل آھي، اسپتالن ۾ بيڊز جي گنجائش ختم ٿي وئي، مريض ۽ وارثن طرفان دوا توڙي علاج جي اڻهوند جون دانهون ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي وهڪرن سبب قيامت خيز منظر