سنڌ ۾ برساتن ڪري ٿيل نقصان ۽ ان جا سبب

0
98
سي-جي فلڊ ڪينال کي مستقل بڻائڻ جي سرگرمي

  سنڌ ۾ هن سال تمام گهڻا نقصان ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ مطابق هن سال جيڪي نقصان ٿيا سي هيٺ ڏجن ٿا:

برساتن ڪري سنڌ جو 72 سيڪڙو نقصان ٿيو.

91 لک شهري غربت جي لڪير کان هيٺ ويا.

سنڌ ۾ گهرن کي 83 سيڪڙو نقصان ٿيو.

4410 ملين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو.

پنجن سالن ۾ 137 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.

غربت ۾ 10.2 سيڪڙو واڌرو ٿيو.

مٿين نقصانن جو سبب هڪڙو ئي ٻڌايو پيو وڃي. يعني موسمي ڦير گهير، جنهن کي انگريزي ۾ climate change چيو وڃي ٿو. اها موسمي ڦير گهير آهي ڇا؟ اچو ته ان جو ڪجهه جائزو وٺون:

                 موسمي ڦير گهير اها آهي ته صنعتي انقلاب ڪري ڪوئلي، تيل ۽ گيس جو استعمال ڪيو ويو جنهن ڪري دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌيو. انهن ٽنهي کي نامياتي ٻارڻ چيو وڃي ٿو ۽ انگريزي ۾ fossil fuel. انهي ڪري گرين هائوس گيسون پيدا ٿين ٿيون جيڪي آهن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ.

                 اڄ ڪلهه جو زمانو سائنسي زمانو آهي. روز نيون نيون ايجادون ٿين ٿيون ۽ پراڻن مسئلن تي نوان نوان خيال اچن ٿا. ڪٿي به ڪا نئين شيءِ ٿئي ٿي ته سڄي دنيا کي خبر پئجي وڃي ٿي. سمنڊ جي ليول چڙهڻ، گليشيئر جو رجڻ، برفن جو رجڻ، موسمن جو ڦرڻ، ٻوڏن جو اچڻ، ڏڪار جو منهن ڪڍڻ، اڻ مندائتي ۽ شديد برساتن جو، سونامي ۽ شديد طوفانن جو اچڻ ڪٿي ٿو لڪي سگهي.

انهن جي تدارڪ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا:

سال 1988 ۾ گڏيل قومن جي ٻن ادارن  UNDP ۽ WMOهڪ پينل جوڙيو  جنهن جو نالو موسمي ڦير گهير وارو پينل جنهن کي انگريزي ۾ Intergovernmental panel of climate change رکيو ويو، جنهن کي انگريزي ۾ مخفف ڪري IPCC سڏيو ويو. انهيءَ پينل کي هيٺيان ڪم ڏنا ويا:

موسمي گهير جو سائنسي بنيادن تي ٿيندڙ ڄاڻ مطابق اثرن جو جائزو وٺڻ.

موسمي ڦير گهير جي اثرن جو جائزو وٺڻ.

انهن جي اثرن لاءِ تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ.

انهن کي منهن ڏيڻ سولو آهي. اهو قدرتي بجاءِ هڪ عالمي مسئلو آهي، جيڪو تيزيءَ سان صنعتي انقلاب کانپوءِ پيدا ٿيو. هنن جو چوڻ آهي ته دنيا جي گولي جو گرمي پد 1.01 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي ويو آهي. انهن جو مکيو ڪارڻ گرين هائوس گيسون (GHG) آهي. اهي آهن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ. ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ پيٽرول، ڊيزل، گيس ۽ ڪوئلي جي ٻارڻ سان پيدا ٿئي ٿي. نائٽرس آڪسائيڊ بايوماس، فصلن ۽ ڇيڻن ڪري پيدا ٿئي ٿي. اهي گيسون فضا atmosphere ۾ گرمي کي ڦاسائن ٿيون. دنيا جي گولي کي گرم ڪن ٿيون. انهن کي گهٽائڻ لاءِ به هيٺيون ڳالهيون کپن.

گرين هائوس گيسن GHG کي گهٽايو وڃي ۽ انهيءَ کي انگريزي ۾ mitigation چئبو آهي.

انهن کي برداشت ڪيو وڃي يعني سَٺو وڃي، جنهن کي انگريزي ۾ Adaptation چيو وڃي ٿو.

دنيا جي 10 ملڪن ۾ ان جو انگ 73 سيڪڙو آهي.

ڇا انهن تي عمل ڪرڻ سولو آهي؟

اهو سولو ناهي: جتي اهڙا ملڪ هجن ته اتي انهن ملڪن جو واهپو گهٽ هجي ته اهي ملڪ ڪيئن گهٽائي سگهندا. مثلن سعودي عرب آهي. اتي وڌ ۾ وڌ ٿيل پيدا ٿئي ٿو. انهن جي اڪانامي تيل تي مدار رکي ٿي. جيڪڏهن ٻيا ذريعا استعمال ڪجن ته انهن جي تيل جو واهپو گهٽجي ويندو. اهي ڪيئن برداشت ڪندا ته تيل جو واهپو گهٽجي؟ وري اتي ٻيا ملڪ آهن جتي ڪوئلي جو استعمال ٿئي ٿو. هندستان ۽ آمريڪا ۾ 50 سيڪڙي کان مٿي ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو. اهي ٻئي ملڪ ڪيئن چوندا ته ڪوئلو استعمال نه ٿئي؟ وري روس ۽ ٻيا يورپي ملڪ آهن جتي گئس استعمال ٿئي ٿي. اهي ڪيئن برداشت ڪندا ته انهن ملڪن ۾ گئس استعمال نه ٿئي؟

گرين هائوس گيسن GHG جو انگ گهٽائي سگهجي ٿو؟

اهو گهٽائڻ سولو آهي. انهيءَ لاءِ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻيا ذريعا استعمال ڪجن. اهي ذريعا ٿي سگهن ٿا جيئن هوا، سج، زير زمين سامونڊي لهرون، ايٽمي ري ايڪٽر وغيره پر انهن تي خرچ وڌيڪ اچي ٿو.

پيرس وارو معاهدو:

سال 2015ع ۾ امريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڪوشش سان پيرس ۾ هڪ معاهدو ڪيو ويو جنهن ۾ دنيا جي سڀني ملڪن حصو ورتو. انهيءَ معاهدي جون خاص ڳالهيون هي آهن:

دنيا جي گولي جو گرمي پد صنعتي انقلاب واري سطح کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي.

ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌي.

ملڪن طرفان گئس گهٽائڻ واري پروگرام کي مڃيو ويو پر انهيءَ کي هر پنجن سالن کانپوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023ع ۾ ٿيندو.

گيسن گهٽائڻ بابت امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا، نه رڳو اهي ملڪ گيسون گهٽائيندا پر وڌيڪ گرمي پد تي پاڻ کي هيرائيندا.

جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي پروگرام تي عمل نه ڪري سگهيو ته انهي ملڪ تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو.

موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ متاثر ملڪن کي معاوضو نه ڏنو ويندو.

ملڪ هڪ ٻئي سان ڪاربان جو وڪرو ڪري سگهندا.

مٿيون معاهدو هڪ مثالي معاهدو ناهي پر جتي متضاد گهرجون هجن اتي مثالي معاهدو ٿي نٿو سگهي. انهيءَ ۾ سڀني ڌرين جو خيال رکڻو پوي ٿو. يعني ڪجهه ڏيڻ وٺڻ (Give and Take)  ڪرڻو پوي ٿو پوءِ پيرس معاهدو هڪ تاريخي معاهدو آهي جو دنيا جا سڀئي ملڪ ڪنهن ڳالهه تي راضي ته ٿيا. وقت ثابت ڪندو ته اهو معاهدو ڪيترو ڪامياب ٿيندو، دنيا وارن کي جيئڻ ۽ بقا لاءِ گرين هائوس گيسون GHG جو مقدار گهٽائڻو پوندو.

ٻين ملڪن جي حالت:

بنگلاديش:

اتي ڳالهه مختلف آهي. بنگلاديش اهڙو ملڪ آهي جتي هندستان جا ٻه دريا گنگا ۽ برهمپترا ملن ٿا. اتي تمام گهڻي هيٺين ايراضي آهي. اٽڪل اتي اربين ماڻهو رهن ٿا جتي انهن کي هڪڙي درياهن ۾ ٻڏڻ جو خطرو آهي ۽ ٻئي پاسي چانور جيڪو بنگلاديش جو خاص ۽ اهم فصل آهي جنهن جي هيٺين ايراضي ۾ هئڻ ڪري اتي جي زمين وڌيڪ لوڻياٺي پئي ٿئي.

آمريڪا:

آمريڪا اهو ملڪ آهي جتي تمام گهڻا طوفان ۽ ٻيا عمل ٿين ٿا. جڏهن اتي واچوڙو آئن آيو ته فلوريڊا شهر جو 6.9 سيڪڙو ٻڏي ويو.

انشورنس پاليسي:

ٻين ملڪن ۾ انشورنس پاليسي وٺڻ جي گنجائش آهي. پر پاليسي ڏيڻ وارا اهو ڏسندا آهن ته انهن کي وڌيڪ نقصان ته نٿو ٿئي. جڏهن اوچتو ڪا آفت اچي ٿي ته وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري انهن ملڪن ۾ انشورنس ڪمپنيون وڌيڪ ماڻهن کي پاليسيون ڏيڻ کان لهرائينديون.

ماڻهن جو لڏڻ:

اوچتيون آفتون اچڻ ڪري ماڻهو ٻڏل علائقن مان لڏڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ ٻيون ڪيتريون خرابيون ٿين ٿيون. پر ڇا ڪجي. انهن جو حل ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

اڳتي ڇا ٿيندو؟

ايندڙ ڪانفرنس مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٿي رهي آهي. اتي ڪهڙا ٿا فيصلا ٿين. پر اسان کي آسرو نه لاهڻ کپي ڇو جو شاهه لطيف چئي ويو آهي ته:

آسرو م لاهيج سڄڻ ٻاجهارو گهڻو

شاهه عبداللطيف