سنڌ ۾ برساتن سبب 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا آهن: سردار شاهه

0
267

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو آھي تھ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ 15 آڪٽوبر جي وارننگ آهي، سنڌ ۾ برساتن سبب 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا آهن

سردار شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ اسڪول تباهه ٿيڻ ڪري 20 28 لک ٻار متاثر ٿيا آهن، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي 15 آڪٽوبر تائين آفر آرڊر ڏيڻ جي وارننگ ڏني آهي

May be an image of 7 people, people sitting and people standing

15 آڪٽوبر تائين ٽارگيٽ پورو نه ڪندڙ ڊي اي اوز کي گهر ڀيڙو ڪندس، ڊي سيز کي خط لکيو آهي ته اسڪولز ۾ ويٺل متاثرن کي بهتر هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي

اُن جو مطلب اِهو هرگز ناهي ته اسان متاثرن کي جبري طور اسڪولز مان نيڪالي پيا ڏيون، يونيورسٽيز ۾ واڌو ملازم ڀرتي ڪرڻ سان مالي دٻاءُ وڌيو آهي

ھي به پڙھندا

ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو

سنڌ ۾ سڀاڻي کان سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ