ڪراچي (نمائندن وٽان)  ڪلوئي ۾ تيز برسات پئي، ٻارڙو برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت، ٻارڙي کي بچايو ويو،  ڳوٺ خميسو ڪلوئي ۾ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي هميرا ۽ ٻارڙو ذوالفقار ڪلوئي راند ڪندي برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويا، وارثن ٻارن کي اسپتال پهچايو،  ذوالفقار فوت، ٻارڙي  هميرا کي بدين ريفر ڪيو ويو.اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي کنوڻ ڪرڻ سبب 66 ٻڪريون مري ويون، ان ڏس ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي کنوڻن جي تجلن سان برسات پئي،  ڳوٺ ميهاري هنگورجا ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب مال جي وٿاڻ تي ويٺل 66 ٻڪريون  مري ويون، جڏهن ته  5 ٻڪريون زخمي پُڻ ٿيون. حيدرآباد ۾ سخت گرمي کانپوءِ هلڪي هلڪي بونداباندي شروع ٿيندي ئي حيسڪو پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جا 75 فيڊر سيفٽي جو جواز ڄاڻائي بند ڪيا ويا جنهن سبب مختلف امام بارگاهن ۽ پڙن تان برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن ۾ شريڪ عزادار سخت پريشان رهيا.مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ ڀرپاسي به برسات پئي.ڏيئي شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن۾  ڪٿي  هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪار جاري  برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. خليفو قاسم ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي.ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائيقن ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو. ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي بند ٿي وئي. ڪڙيوگهنور  ۽ ان جي پسگردائي   وارن  علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات پئي. غلام حيدر ۽ ڀرپاسي واري علائيقن  ۾ شديد گرمي کانپوء طوفاني ھوا سان گڏ برسات جو تيز وسڪارو پيو. گلاب لغاري ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گجگوڙ ۽ تيز ھوا سان برسات جو زوردار وسڪارو پيو، گرمي جو زور ٽٽي ويو.غلام شاهه موري ۾ گرمي کان پوءِ هلڪي برسات جو وسڪارو شروع ٿيڻ کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي.  ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي کان پوءِ هلڪي برسات جو وسڪارو شروع ٿيڻ کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. جڏهن ته موسم خوشگوار بنجي وئي آهي.ٽنڊوغلام علي ۾ تيز هوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو. ڄاڻايل سمورن شهرن ۽ علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.  ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان بعد برسات جو وسڪارو ٿيو، ڇور ۾ گجگوڙ سان  برسات جو تيز وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو .نبي سرروڊ، راڄاري، دڙيلو، ڊيني سر فارم، ڪيٽل فارم، نهٽو سميت ٻين علائقن ۾ برسات سبب  موسم خوشگوار بڻجي وئي. ڪنري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي.ميرپورخاص ۾ گج گوڙ سان تيز برسات پئي. نئون ڪوٽ  ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو