سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ۾ بخار، کنگهه، پيٽ ۽ چمڙيءَ جي بيمارين واريون دوائون ناياب ٿي ويون، بيمارين ۾ مبتلا مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون، حڪومت جي ڪوتاهي سبب دوائون بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳيون. رپورٽ موجب برساتي ٻوڏ جي تباهي، اٽي، کنڊ، گيھه سميت کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کان پوءِ بخار، کنگھه، مليريا، ڊينگي، گيسٽرو ۽ پيٽ جي بيمارين جون دوائون اڻ لڀ ٿي ويون. ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته منافعي خور ڊسٽريبيوٽرز ڄاڻايل بيمارين جون دوائون گھرج وڌڻ کان پوءِ وڏي مقدار ۾ ذخيرو ڪري ڇڏيون آھن. نتيجي ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ بيمارين سبب عوام جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن. جڏھن ته ميڊيڪل اسٽورز مالڪ اهي دوائون بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب بخار ۾ استعمال ٿيندڙ پيراسيٽامول، پيناڊول ٽيبليٽ جيڪا 3 رپين ۾ ملندي ھئي، اُھا ھاڻي 12 کان 20 رپين ۾ وڪرو ٿي رھي آھي. جڏھن ته پيناڊول  ٽيبليٽس جو 30 رپين ۾ ملندڙ پتو ھاڻي 150 کان 200 رپين ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي. ساڳي طرح ڪال پول سيرپ 80 رپين بدران 150 کان 200، پيناڊول سيرپ 80 بجاءِ 180، مليريا جي 40 رپين واري ٽيبليٽ ھاڻي 80 کان 100 رپين ۾ وڪرو ٿي رھي آھي. سيرپ 120 بدران 150 کان 180 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. سکر جي شھرين عتيق ھاشمي، فاروق احمد ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته جنھن ٽيبليٽ جو پتو اڳ 30 رپين ۾ ملندو ھو، ھاڻي 30 رپين ۾ ھڪ ٽيبليٽ به نٿي ملي. اڳ ئي برسات ۽ ٻوڏ سبب سڀ ڪجھه تباھ ٿي ويو آھي. بيروزگاري ۽ مھانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آھي. مٿان وري دوائن جي قيمتن ۾ ھٿرادو اضافي سبب عوام جون حياتيون داءُ تي لڳايون ويون آھن. الميو اِھو آھي ته قيمتن ۾ هٿرادو اضافو ۽ دوائون اسٽاڪ ڪندڙن خلاف حڪومت ڪوبه ايڪشن نٿي کڻي. اِن ڏس ۾ ڊاڪٽر طفيل احمد شيخ، ميڊيسن جي ڪاروبار سان لاڳاپيل عزرا جمال توڙي ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن تصديق ڪندي ٻڌايو ته ھول سيل مارڪيٽ ۾ 50 رپين جي ٽيبليٽس جو پتو 250 رپين ۾ وڪرو ٿي رھيو  آھي پر حڪومت مڪمل طور خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته عوام جي مجبوريءَ مان فائدو وٺندڙ ھول سيلرز ۽ ڊيلرز خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي.