سنڌ ۾ باھھ جا واقعا: 15 کان وڌيڪ گھر سڙي رک

0
188
سنڌ ۾ باهه جا واقعا: 35

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 15 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، جڏھن تھ متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن

مٽياري لڳ کيبر شهر ۾ خوفناڪ باهه 6 گهر ساڙي ڇڏيا،2 ٻڪريون ۽ هڪ مينهن به سڙي مري وئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جي تارن مان لڳل باهه گهرن کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، اطلاع باوجود انتظاميا فائربرگيڊ گاڏي نه اُماڻِي

نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ ميانداد چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 گهر الهه تلهه سوڌو سڙي رک ٿي ويا، جڏھن تھ متاثرن مدد جي اپيل ڪئي آھي

ٽنڊو باگو جي وارڊ نمبر 2 ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 2 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، سڪرنڊ ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 گهر سڙي رک، باهه متاثر ڪٽنب کُليل آسمان هيٺ بي يارو مدگار ويٺل آھن